وڪيلن کي نشانو بڻائڻ انصاف واري نظام کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي: حامد خان

اسلام آباد (بيورو) سينيئر قانوندان حامد خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهو معاملو ٻن وڪيلن جي سزا جو ناهي، پر سڄي ملڪ ۾ وڪيلن جي ساک جو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن وڪيلن کي انصاف نه ملندو ته عام شهري ڪيئن انصاف جي اميد رکي سگهندا، هن چيو ته وڪيلن حق ۽ سچ لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ کين نشانوبڻائي اسٽيبلشمينٽ پيغام ڏيڻ چاهي ٿي، پر اهي اهڙن حربن کان ڊڄڻ وارا ناهن، هن بلوچستان ۾ جاري صورتحال کي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو ته ظلم روڪڻ بدران ان جو ساٿ ڏنو پيو وڃي، صحافين تي پيڪا ايڪٽ وسيلي پابندين کي اظهارِ راءِ جي آزادي تي حملو قرار ڏيندي هن چيو ته اندرين ۽ ٻاهرين سطح تي ملڪ کي نقصان پهچايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.