ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ فائر اسٽيشن ڏيڍ سال کان تعمير هيٺ، عملو ۽ فائر برگيڊ بلاول هائوس تي مقرر، پاڪستان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڪراچي جي بولٽنمارڪيٽ ڪنهن به ممڪن باهه جي صورتحال ۾ بي يارو مددگار آهي، بولٽن مارڪيٽ فائر اسٽيشن ڏيڍ سال کان تعمير هيٺ آهي ۽ هتي جو عملو ۽ فائر برگيڊ بلاول هائوس تي وي وي آءِ پي ڊيوٽي تي مقرر آهي، علائقي جي واپارين جي مطالبن تي 20 سال اڳ، کارادر پوليس لائين سان گڏ هڪ اي ايمرجنسي فائر اسٽيشن قائم ڪيو ويو هو، جتي ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ هر وقت عملو ۽ گڏي موجود رهندي هئي، سال 2010 ۾ محرم الحرام جي ڏينهن جي موقعي تي بم ڌماڪن کان پوءِ هڙتالن دوران فائر اسٽيشن سڙي ويو هو، جنهن کانپوءِ عملو ۽ گاڏص فُٽ پاٿ تي هنگامي ڊيوٽي تي موجود رهي، پراڻي عمارت جو سڙڻ علائقي لاءِ سڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪو آهي پر اتي عملو اڃا تائين مختلف ڪاروباري معاملن کي سنڀالڻ ۾ مصروف آهي، موجوده ميئر ڪراچي طرفان ٻه سال اڳ هن فائر اسٽيشن جي تعمير شروع ڪئي وئي هئي پر ڪم ايتري سستي سان هلي رهيو آهي جو ڏيڍ سال کان وڌيڪ عرصي ۾ 2 کان 2.5 ڪمرا مڪمل ٿي سگهيا آهن، ان دوران هتي جي گاڏي ۽ عملو بلاول هائوس ٻاهران وي وي آءِ پي ڊيوٽي تي مقرر آهي، علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، علائقي فائر برگيڊ جي گاڏي ۽ عملي کي مقرر ڪيو وڃي.