تهران (م ڊ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪري ته اها جنگ سڄي خطي ۾ پکڙجي ويندي، آيت الله خامنه اي جو اهو بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ تڪرار وڌي چڪو آهي ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ ايران بابت مسلسل ڌمڪيءَ وارا بيان ڏئي رهيو آهي، ايراني سرڪاري ميڊيا موجب خامنه اي چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بار بار جنگي جهازن جي روانگي جو ذڪر ڪري رهيو آهي پر ايراني قوم انهن ڌمڪين کان نه ڊڄندي، هن چيو ته ٽرمپ بار بار چئي رهيو آهي ته هو جهاز آڻي روانگا ڪري رهيو آهي پر ايراني قوم انهن ڳالهين کان نه ڊڄندي، اسان ڪنهن ملڪ تي حملو شروع ڪرڻ نٿا چاهيون پر جيڪڏهن ڪو ايراني قوم تي حملو يا تڪليف پهچائيندو ته ايراني قوم ان کي سخت جواب ڏيندي.
-
ايران طرفان بلوچستان ۾ دهشت گرد حملن جي مذمت
تهران (م ڊ) بلوچستان ۾ تازن دهشت گرد حملن تي اسلامي جمهوريه ايران جي سفارت خاني پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازن دهشت گرد حملن جي سخت مذمت ڪجي ٿي، ايران جي سفارتخاني جي ترجمان موجب حملن ۾ ڪيترن معصوم شهرين ۽ بهادر سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ سپاهين جي شهادت ٿي آهي ۽ ايران جي حڪومت ۽ عوام پاران حڪومت پاڪستان ۽ عوام، خصوصي سوگوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو، سفارت خاني چيو ته اسلامي جمهوريه ايران اصولي طور تي هر قسم جي دهشت گردي جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، ڇو ته دهشت گردي عالمي برادري لاءِ هڪ سنگين خطرو ۽ پريشاني جو سبب آهي، ٻاهرين عنصرن جي مدد سان اهڙي قسم جي ڪريل حرڪتن جو مقابلو علائقائي ۽ بين الاقوامي سهڪار ذريعي ڪرڻ گهرجي.
-
ڪشمور ۾ 26 خطرناڪ ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي اثرائتي ۽ نتيجا بخش سرينڊر پاليسي جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، جنهن تحت ضلعي ڪشمور ۾ 26 خطرناڪ ۽ گهربل ڌاڙيلن پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا آهن.هن ٻڌايو ته ان کان اڳ ڪلهه سکر ۾ پڻ 12 ڌاڙيلن پاڻ کي قانون حوالي ڪيو هو، جيڪو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته ڪچي جي علائقن ۾ جاري ميگا آپريشن سبب ڏوهاري عنصر سخت دٻاءُ ۽ خوف جو شڪار آهن، جڏهن ته رياستي رٽ مضبوط ٿي رهي آهي.هن چيو ته امن امان کي مڪمل قائم ڪرڻ ۽ ڏوهن جي خاتمي تائين پوليس، سنڌ رينجرز ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو گڏيل آپريشن پوري قوت سان جاري رهندو. گهرو وزير واضح ڪيو ته وقت گذرڻ سان گڏ هي ميگا آپريشن وڌيڪ تيز، اثرائتو ۽ فيصلو ڪندڙ هوندو،سرينڊر ڪندڙ ڌاڙيلن ۾ عبدالرحيم عرف اڏرو شر، تاج محمد ولد قيصر شر، عبدالمجيد ولد علي حسن شر، الله دين ولد باگو شر، جمال دين ولد باجهي شر، محمد نواز عرف شادو ولد لالڻ شر، آصف ڀيو ولد شاهنواز ڀيو، غوث بخش ولد نور حسن ڀيو، يعقوب ولد محمد بخش، وسيم ولد عرض محمد ڀيو، يار محمد ولد علي محمد ڀيو، ارشاد ولد علي محمد ڀيو، عاشق عرف معشوق ولد شاهنواز ڀيو، امتياز علي ولد دوست علي ڀيو، محمد علي ولد شاهه مير ڀيو، ظفر علي ولد الله ڏنو ڀيو، منظور ولد پيارو ڀيو، عبدالسلام ولد صوبدار ڀيو، محمد قاسم ولد شفيع محمد شر، ثناءُ الله ولد شفيع محمد شر، عبدالعزيز ولد بديھل شر، صادق ولد رحمان شر، الله بخش ولد غلام نبي شر، عبدالرحيم عرف اڊرو ولد تاج محمد شر، ذوالفقار عرف ڀٽو ولد بشير احمد سبزوئي ۽ واجد ولد فقير محمد سبزوئي شامل ھئا.