حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو قومي عوامي تحريڪ جي باني ۽ سينيئر اڳواڻ سيد عالم شاھجي گهر قاسم آباد سندس پھچي عيادت ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي پليجي چيو ته سيد عالم شاھ سنڌ جو اثاثو آهي سندس سنڌ جي حقن لاءِ ڪيل تاريخي جدوجھدون وساري نٿيون سگهجن سيد عالم شاھ ڪالاباغ ڊيم، ضياء، مشرف جي آمريت، نيلام بند ڪيو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو، آبادگارن ۽ ھارين سميت مظلوم طبقي سان ٿيندڙ ظلمن خلاف ٿيندڙ جدوجھد ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو هن چيو ته ايم ڪيو ايم نفرت ۽ تعصب جي سياست ڪئي آھي.اقتدار ۾ رھي ڪرپشن ۽ بيڊگورننس جو حصو رھي آھي. هن چيو ته سنڌ ٽوڙڻ جو مطالبو ڪندڙن تي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم قبضا، دهشتگردي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث رھي آھي. اردو ڳالهائيندڙ محب وطن آهن، اهي دهشتگرد سياست جو حصو ناھن،هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪو اختيار نه آهي ته سنڌ جي وحدت بابت فيصلا ڪري پيپلز پارٽي 18 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباھي، بدامني، ڪرپشن،ڏوھن، بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو.