مون کي وزيراعظم گهرايو آهي، صوبي جا مسئلا ٻڌائيندس: سهيل آفريدي

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته مون کي سڀاڻي وزيراعظم شهباز شريف کان دعوت نامو مليو آهي، مان صوبي جي مسئلن جو ڪيس پيش ڪندس. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته هو بلوچستان ۾ دهشتگرديجي واقعن جي مذمت ڪري ٿو. سهيل آفريدي چيو ته وفاق ماضي ۾ آءِ ڊي پيز جا اربين رپيا هڙپ ڪيا آهن، مون 4 ارب مختص ڪيا آهن، تنهن ڪري وفاق مون تي ڪرپشن جو الزام لڳائي رهيو آهي. سهيل آفريدي چيو ته هو سڀني قبائلي ضلعن ۾ ويندو ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي تي انهن جي راءِ وٺندو. هن چيو ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، مون کي عدالتن مان نااهل قرار ڏنو ويندو يا رستي تان هٽايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.