بلوچستان کي ٽن صوبن ۾ ورهايو وڃي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيو آهي ته هي ڳالهه درست آهي ته بلوچستان کي سڌارن جي ضرورت آهي، ۽ سڀ کان پهرين گوادر کي وفاقي علائقو بڻايو وڃي ۽ بلوچستان کي ٽن صوبن ۾ ورهايو وڃي، جيئن 1970 کان اڳ هو. ان سان گڏ چونڊن ۾ مداخلت بند ٿيڻ گهرجي. بهرحال، فوج جو ڪردار ان ڪري برقرار رهندو، ڇاڪاڻ⁠ته بلوچستان ۾ هندستان جي مداخلت حد کان وڌيڪ آهي. ايران طرفان دهشتگردي هاڻي گهٽ ٿي آهي، پر اتي جو مسئلو به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ رهندو. تنهنڪري فوج ۽ سويلين سيٽ اپ جي وچ ۾ مضبوط ڀائيواري هئڻ گهرجي، هن چيو ته آزاد بلوچستان جو تصور ئي هڪ بيوقوفاڻو تصور آهي. بلوچستان ۾ بلوچ آبادي لڳ ڀڳ 25 لک آهي، جن مان وڏي اڪثريت پاڪستان سان گڏ آهي. پختون ۽ پنجابي ٻيون وڏيون قومون آهن، جن جي مڪمل وفاداري به پاڪستان سان آهي. ڇا ڪجهه هزار بلوچ ماڻهو هندستان جي سڌي سهائتا سان دهشتگردي ذريعي ڪو نئون ملڪ ٺاهي سگهن ٿا؟ ڇا اهڙو ملڪ، جنهن جي هڪ پاسي پاڪستان، ٻي پاسي ايران ۽ ٽين پاسي افغانستان هجي، گهڻي دير قائم رهي سگهي ٿو؟ ڇا بين الاقوامي طاقتون اهڙي ملڪ کي ڳهي نه وينديون؟پاڪستان کان بلوچستان کي الڳ ڪرڻ لاءِ نيوڪليئر جنگ ئي وڙهڻي پوندي،ڇا هندستان اها جنگ وڙهي سگهي ٿو؟ انهن سڀني سوالن جو جواب اهو آهي ته هندستاني اسپانسرڊ دهشتگردي سان ڪا به ڪاميابي حاصل نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته  بلوچستان جي وسيلن کي سردارن بدران عام ماڻهوءَ جي پهچ ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ بلوچستان جي مسئلي جو ڪو به ٻيو حل ناهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.