ايران-آمريڪا تڪرار خطي لاءِ نوان خطرا

خدا بخش بروھي

آمريڪي بحري ٻيڙي جو عربي سمنڊ تائين پهچڻ، ٽام هاک ميزائلن سان ليس جنگي جهازن جي موجودگي ۽ يو ايس ايس ابراهيم لنڪن جهڙي ايئرڪرافٽ ڪيريئر جي تعيناتي بابت خبرون ميڊيا ۾ لڳاتار گردش ڪري رهيون آهن. ساڳئي وقت ايران طرفان روس ۽ چين سان گڏجي هرمز جي سامونڊي لنگھه  ۾ گڏيل فوجي مشقن جو اعلان به خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. توڙي جو آمريڪي صدر ٽرمپ اڃا تائين باضابطا حملي جي منظوري ناهي ڏني، پر موجود حالتن کي نظر ۾ رکندي جنگ جي امڪان کي مڪمل طور رد به نٿو ڪري سگهجي.

امريڪا طرفان 30 کان 40 هزار اضافي فوجين جي تعيناتي، پيٽرياٽ ۽ ٿاڊ جهڙن دفاعي نظامن جي منتقلي ۽ اي آر سي-135، اي-3 بوئنگ سميت جديد جاسوسي جهازن جي آمد اهو ظاهر ڪري ٿي ته واشنگٽن هن ڀيري ڪنهن به اوچتي فيصلي کان اڳ مڪمل تياري ڪري رهيو آهي. ماضي ۾ به جون مهيني دوران اهڙي ئي طرح ايران تي حملا ڪيا ويا هئا، جن جا اثر اڄ تائين خطي ۾ محسوس ڪيا وڃن ٿا.

ايران-آمريڪا امڪاني جنگ بابت پاڪستان سميت اسلامي دنيا ۾ ڳڻتي وڌي رهي آهي. ترڪي جو پرڏيهي وزير واشنگٽن سان سفارتي رابطن ۾ آهي، جڏهن ته ايران پاڻ به هڪ پاسي دفاعي تياريون مڪمل ڪري رهيو آهي ته ٻي پاسي ڳالهين جا در بند نه ڪيا آهن. ان جي ابتڙ، يورپي ملڪ هڪ مخصوص حڪمت عملي تحت ايران تي دٻاءُ وڌائي رهيا آهن؛ پاسدارانِ انقلاب کي دهشتگرد قرار ڏيڻ، ايٽمي پروگرام بابت سخت بيان ۽ آمريڪا جي موقف جي اڻ سڌي حمايت اهو تاثر ڏئي ٿي ته جنگ کان پوءِ جي منظرنامي ۾ به سندن پنهنجا مفاد جڙيل آهن.

جيڪڏهن آمريڪا ايران تي سڌي ڪارروائي ڪري ٿو ته ان جا اثر رڳو ايران تائين محدود نه رهندا. وچ اوڀر کان وٺي افغانستان، پاڪستان ۽ پوري ڏکڻ ايشيا تائين عدم استحڪام جا ڪارا ڪڪر وڌيڪ گهاٽا ٿي سگهن ٿا. ماضي ۾ افغانستان ۾ نيٽو جنگ پاڪستان کي جن نقصانن سان منهن ڏيڻو پيو، ساڳي صورتحال ٻيهر جنم وٺڻ جا امڪان رد نٿا ڪري سگهجن. اهڙي پس منظر ۾ سڀ کان اهم سوال پاڪستان جي اڳيان بيهي ٿو ته پاڪستان ڪهڙو رستو اختيار ڪري؟ جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا سان ويجهڙائپ کي ترجيح ڏئي ٿو ته شايد عارضي معاشي سهولت، عالمي ادارن جي نرم رويي ۽ ڪجهه فوجي يا سفارتي رعايتن جا در کلي سگهن. پر ان جو ٻيو پاسو به انتهائي حساس آهي ملڪ اندر شيعا آبادي جا زخمي جذبات، احتجاج، سماجي ڇڪتاڻ ۽ خاص ڪري بلوچستان ۾ عليحدگي پسند تحريڪن جي تيزي جو خطرو وڌي سگهي ٿو. گوادر ۽ سي پيڪ جهڙا اهم منصوبا به اهڙي صورتحال ۾ نشاني تي اچي سگهن ٿا، جنهن سان پاڪستان-چين لاڳاپن تي به منفي اثر پوڻ جو انديشو آهي.

ٻئي پاسي، جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا کان مڪمل فاصلو اختيار ڪري ٿو ته معاشي دٻاءُ، سفارتي اڪيلائي، قرضن جي واپسي ۾ سختي، واپاري ۽ سفري پابندين جا خطرا وڌي سگهن ٿا. اهڙي ماحول ۾ اندروني سياسي بيچيني، تحريڪن جي شدت ۽ سرحدي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ملڪ کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري سگهي ٿو. اوڀر سرحد تي ڀارت پاران دٻاءُ وڌائڻ، ڪشمير ۾ صورتحال کي گرمائڻ ۽ اولھ سرحد تي نئين بحران جا امڪان به نظرانداز نٿا ڪري سگهجن.

غير جانبداري جو آپشن ظاهري طور متوازن لڳي ٿو، پر عملي طور انتهائي ڏکيو آهي. جيڪڏهن جنگ دوران غير رياستي هٿياربند گروه سرحدون اورانگهي وڃن، ايراني پناهگير پاڪستان ۾ داخل ٿين، يا علائقائي طاقتون پاڪستان جي زمين کي پنهنجي جنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ڪن، ته اهڙي حالت ۾ غير جانبداري جو تصور شڪ جي حدن تائين محدود ٿي سگهي ٿو. حقيقت اها آهي ته آمريڪا، اسرائيل ۽ انهن جا اتحادي پنهنجي حڪمت عملي تي گهڻو اڳ ڪم مڪمل ڪري چڪا آهن. يورپ جنگ کان پوءِ جي سياسي ۽ معاشي فائدي جي اميد ۾ خاموش رضامندي ڏيکاري رهيو آهي، جڏهن ته ٽرمپ جي خواهش آهي ته هو عالمي سياست تي اهڙو نشان ڇڏي وڃي، جيڪو تاريخ ۾ وساري نه سگهجي. انهن سمورين حالتن ۾ پاڪستان لاءِ واحد محفوظ رستو انتهائي محتاط، خودمختيار ۽ قومي مفاد تي ٻڌل پاليسي اختيار ڪرڻ آهي اهڙي پاليسي، جيڪا نه ڪنهن جي جنگ جو اوزار بڻجي ۽ نه ئي ملڪ کي اندروني ڀڃ ڊاهه ڏانهن ڌڪي. سوال رڳو اهو آهي، ڇا عالمي طاقتون پاڪستان کي اهڙو موقعو ڏينديون، يا هڪ ڀيرو ٻيهر خطي جي باهه ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان کي ئي آزمائش مان گذرڻو پوندو ۽ را ۽ موساد سرگرم ٿيندا ۽ انڊيا جھڙي ازلي حريف کي ھڪ دفعو ٻيھر پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ حالتون خراب ڪرڻ جو موقعو ملندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.