گل پلازا سانحي کان پوءِ ڪراچي بابت ٿيندڙ سازشيون

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

ڪراچي جي علائقي صدر ۾ هڪ شاپنگ سينٽر گل پلازا  کي باهه لڳڻ واري واقعي کانپوءِ ڪراچي جي هڪ لساني تنظيم هميشه وانگر هاءِ گهوڙا ڪندي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ يا ڌار صوبي جي گهر ڪري رهي آهي. هي تنظيم سنڌ جي گادي جي شهر ڪراچي ۾ شروع کان جهيڙا جهڳڙا ۽ ڀڃ ڊاهه  ۾ ملوث رهي آهي، جنهن جو محرڪ ۽ مقصد پڻ سنڌ کي ٽڪرن  ۾ ورهائڻ آهي. سندن انهي منفي رويي جي ڪري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جو واپار ۽ ڪارونهوار متاثر ٿيڻ ڪري مجموعي طور سموري سنڌ جي  ترقي پڻ رڪيل آهي.

جيتوڻيڪ ڄاڻايل  تنظيم پاران دعوى ڪئي وڃي ٿي ته اها سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي نمائندگي ڪري ٿي، پر حقيقت ۾ اها تنظيم هڪ مخصوص منفي ذهنيت رکندڙ  ۽ هر دؤر ۾ اقتدار جا مزا وٺڻ ۽  وڌ ۾ وڌ مراعتون ۽ گروهي مفاد ماڻڻ لاءِ هر قسم جا حربا ۽ حيلا هلائيندڙ سازشي مائينڊ سيٽ وارو  پسمنظر رکندڙ هڪ ٽولو آهي. 1930ع واري ڏهاڪي ۾ هندستان جي يو پي سي پي وارن صوبن ۾ هڪ منظم سازش تحت هندو مسلم فساد ڪرائي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون هيون.انهن حيلن ۽ حربن ۾ ناڪامي بعد انهن مسلم ليگ ۾ شرڪت ذريعي پاڪستان ۾ اقتدار تي قابض ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جنهن ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيا.   1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ وقت هندستان کان پاڪستان ڏانهن آبادي جي منتقليءَ بابت منصوبو غور هيٺ نه هيو ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ ڪا قانون سازي ڪئي وئي، پر 1947ع جي آخر کان 1949ع تائين بنگال ۽ اوڀر پنجاب ۾ فسادن ٿيڻ ڪري فقط اتان جي آبادي کي مجبوري تحت لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي، پر انهيءَ باوجود ان مخصوص مائينڊ سيٽ رکندڙ سازشي عنصرن جي ”ڪوششن“ جي نتيجي ۾  هندستان جي ٻين صوبن جا ماڻهو به لڏي پاڪستان اچڻ لڳا، پر جيئن ته ان وقت جي سياسي فضا هندو مسلم تضاد جي اثرن سان ڀرپور هئي ۽ سنڌ جو اڪثريتي مسلم عوام پڻ اسلامي ڀائپي جي جذبي سان سرشار هو، تنهنڪري سندن آڌر ڀاءُ به سڄي  ملڪ مان وڌيڪ گرمجوشي سان سنڌ ڪيو هو. هنن جون ريلون ڀرجي ملڪ جي ٻين صوبن ڏي ويون پئي ته اتان جي ماڻهن هنن کي ان وقت ئي وڳوڙي سمجهي پنهنجن صوبن ۾ کين رهڻ نه ڏنو ۽ اها صرف سنڌ هئي جنهن سندن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سنڌ جي عظيم سياسي اڳواڻن، پنهنجون ٻانهون کولي هنن جي آجيان ڪئي ۽ سنڌ ۾ آباد ڪيو، جن ۾، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام مصطفى ڀرڳڙي، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا شامل هئا.

انهيءَ جي باوجود سنڌي ماڻهو ان وقت اقتصادي ۽ سماجي طور ڪمزور هو پر پوءِ به انهن کين پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، جنهن جو نتيجو اڄ سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. سنڌي هندو جيڪو، سنڌ جي معيشت جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو، ان کي زوري سنڌ مان ڪڍيو ويو، سندن شهري ملڪيتن، زمينن ۽ ڪارخانن کي ”اويڪيو پراپرٽي“ قرار ڏئي قبضي هيٺ آندو ويو. هندوستان ۾ هندو مسلم فساد ته 1950ع تائين بلڪل ختم ٿي چڪا هئا ۽ ان بنياد تي لياقت نهرو معاهدي تحت لڏپلاڻ کي اڳتي لاءِ غير قانوني قرار ڏنو ويو هو، پر پوءِ به لڳ ڀڳ 1960ع تائين کوکرا پار ۽ ٻين رستن وسيلي مرڪزي حڪومت جي مهرباني سان هندستان کان سنڌ ڏانهن لڏي ايندڙن جي آمد جاري رهي ۽ کين ڪوڙن ڪليمن ۾ ملڪيتون ۽ زمينون ڏنيون پئي ويون. اهڙي ريت سنڌ کي اقتصادي طور ڪمزور ڪيو ويو.

ان مخصوص مائينڊ سيٽ رکندڙ ٽولي 1948ع ۾ ڪراچي کي زوريءَ سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز جي گادي جو هنڌ بڻايو، 1972ع ۾ بنگلاديش ٺهڻ بعد بنا ڪنهن جواز جي بهارين کي بنگلا ديش کان گهرائي سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون،  ساڳئي سال 1972ع ۾ سنڌي ٻولي جي سنڌ جي دفتري ۽ تعليمي درجي جي بحالي بابت سنڌ اسيمبلي پاران منظور ڪيل بل کي ناڪام بنائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ فساد ڪرايا، سنڌ جي  ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن روزگار ۽ تعليم خاطر ايندڙ سنڌي نوجوانن کي روڪڻ لاءِ هر قسم جا طور طريقا اختيار ڪيا ويا، 1970ع جي ڏهاڪي کان وٺي ڪراچي تي وري قبضو ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي قتل عام جا واقعا ڪري هزارين ماڻهن کي بي گناهه  شهيد ڪيو ويو. اهڙي ريت تازو پيش آيل گل پلازا سانحي بعد جنهن انداز ۾ ان مافيا پاران ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، ان مان اهي ئي انومان، خدشا ۽ سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا ته ڇا هي سانحو به ان ”سلسلي“ جي ڪڙي آهي؟   ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته گل پلازا سانحي ۾ سنڌ حڪومت جون ڪوتاهيون ۽ غفلت  شامل آهي، تنهنڪري هن واقعي جي حقيقتن جي اڻڌرئي انداز ۾ جاچ، تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي ۽  ذميوار عنصرن جي نشاندهي ڪري ۽ کين سزا ملڻ کپي.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته اهي سڀ پارٽيون جن مرڪز ۾ حڪومت ڪئي آهي، جن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف شامل آهن، اهي سنڌ جي بهتر مستقبل لاءِ ڪابه دلچسپي نٿيون رکن، نه ئي وري سنڌ جي گادي جي هنڌ جي مستقبل لاءِ سنجيده آهن. مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف، سنڌ جي مستقبل لاءِ پڻ سنجيده  ناهن. مسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ وڏو ووٽ بئنڪ نٿي رکي، جڏهن ته ٻي پارٽي پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دؤر ۾  خود سنڌ کي نظر انداز ڪيو باوجود ان جي ته ان  سڄي ملڪ تي حڪمراني ڪئي.

جيتوڻيڪ پ پ پ سنڌ ۾ ويهن سالن کان راڄ ڪري رهي آهي پر ان ڏيکاءُ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي ۽ ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪابه سنجيده ڪوشش نه ڪئي آهي. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جيڪا ڪيترو ئي وقت لامحدود اختيار استعمال ڪندي رهي، باوجود انهن اختيارن جي، نه رڳو صوبي  کي ڪجهه به ڪونه ڏنو، پر ڪراچي جي شهر کي به ڀتا خوري، هڙتالون، زمين جي ڦرلٽ، چائنا ڪٽنگ ۽ اهڙين ٻين مسئلن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ايم ڪيو ايم جيڪا پ پ پ تي تنقيد ڪري ٿي، ان جو مثال ائين آهي جيئن ”مينهن ڳئون کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري.“  ايم ڪيو ايم جو اهو چوڻ ته ڪراچي کي وفاقي علائقو قرار ڏنو وڃي بلڪل غلط آهي. ان جي بدران اهو ٿيڻ گهرجي ته ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ مقامي حڪومتون ٺاهيون وڃن.  ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ پنهنجي 2024ع واري رپورٽ ۾ اهو چيو آهي ته شهر ۾ اختيارن جي ورهاست چڱي نموني نه پئي ٿئي ۽ صحيح نموني پئسا نه پيا ڏنا وڃن. اصولي ڳالهه هي آهي ته وڌيڪ محنت سان ڪم ڪيو ۽ هڪ ٻئي مٿان گند نه اڇلايو وڃي. پ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سڀني پارٽين کي ڪراچي جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ خاص طور لوڪل گورنمينٽ جي سسٽم کي هٿي ڏني وڃي.

انهيءَ سان گڏ اسان کي اهو پڻ ذهن ۾ رکڻ کپي ته هي دؤر 1970ع يا 1980ع وارو ناهي، جڏهن تعصب جي بنياد تي پرنٽ ميڊيا وسيلي پروپيگنڊا جو طوفان اٿاري سنڌ جي اردو آبادي کي پنهنجي مخصوص گروهي مفادن حاصل ڪرڻ وسيلي سياسي عمل جو ذريعو بڻايو ويندو هو، پر هي دور تعليم، شعور ۽ بي باڪ سوشل ميڊيا جو دؤر آهي، جنهن ۾ حقيقتن کي کليل انداز ۾ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وسيلي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، تنهنڪري سنڌ جي اردو توڙي سنڌي آبادي کي بنا ڪنهن مت ڀيد جي ۽ حقيقت پسنديءَ جي بنياد تي سنڌ جي سڀني سياسي، معاشي ۽ سماجي مسئلن تي غور ويچار ڪري ڪو گڏيل لائحه عمل طئي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سموري سنڌ ڪراچي کان ڪشمور تائين معاشي، سماجي ۽ ثقافتي طور هڪ ٻئي سان ايئن ڳنڍيل آهي  جيئن هڪ خوشبودار گلن جو ڪو گلدستو هجي، تنهنڪري اردو ڳالهائيندڙن سميت سنڌ جي سڀني رهاڪن کي ڪجهه مفاد پرست سازشي ٽولن جي غلط پروپئگنڊا کان هوشيار رهندي سنڌ جي گڏيل معاشي ۽ سياسي مفادن جي ڀلائي ۽ خير خواهي لاءِ پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏ سنڌ حڪومت جي به اها ذميواري ٿئي ٿي ته هوءَ سموري سنڌ جي گڏيل ترقي لاءِ گورننس ۽ حڪمراني جي نظام کي بهتر بڻائي  ته جيئن سنڌ جو ڪوبه رهاڪو پاڻ کي اڪيلو ۽ لاچار نه سمجهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.