پنو عاقل (عوامي آواز رپورٽ) سکر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ لاقانونيت خلاف جمعيت علماءِ اسلام سکر پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جي يو آءِ اڳواڻن ٻڌايو ته 10 جنوري تي شروع ڪيل تحريڪ جي پهرين مرحلي دوران سنڌ جي 14 شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته هاڻي پني عاقل ۾ احتجاج بعد تحريڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪئي ويندي. احتجاج دوران اڳواڻن مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ امن بحال ڪيو وڃي، ڦرن، ڌاڙن ۽ چورين تي فوري طور ضابطو آندو وڃي ۽ قومي تڪرارن کي روڪيو وڃي. هنن چيو ته جتوئي مهر ۽ ڪلهوڙا مهر تڪرارن سبب علائقي جو امن داوَ تي لڳل آهي، پر حڪمران غفلت جي ننڊ ستل آهن ۽ انتظاميا ميدان ۾ نظر نٿي اچي. جي يو آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته بدامني انتها تي پهچي وئي آهي، پوليس ۽ ٻين اهلڪارن تي حملا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ڏوهاري کلي عام پوليس خلاف آپريشن ڪري رهيا آهن. هنن دعويٰ ڪئي ته علائقي ۾ روزانو 10 کان 12 ڏوهه ٿي رهيا آهن. احتجاج ۾ پريا ڪماري جي اغوا واري واقعي تي به سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته هي واقعو وڏو سواليا نشان آهي، جنهن تي سينيٽ جي گهرو معاملن واري ڪميٽي ۾ به بحث ٿي چڪو آهي، جي آءِ ٽي جوڙڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، پر عملي اڳڀرائي نظر نٿي اچي. هنن چيو ته هي علائقي جو وڏو ڏوهه آهي، جنهن کي وساريو نه ويو آهي ۽ حڪومت کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. اڳواڻن خبردار ڪيو ته ڪيس کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي.