گل پلازا سانحي کي 2 هفتا گذري ويا پر انصاف نه مليو: گورنر سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته گل پلازا جي سانحي کي ٻه هفتا گذري ويا آهن، پر اڃا تائين ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي، گورنر سنڌ فوت ٿيل 6 ماڻهن جي دهلي ڪالوني ۾ واقع گهر پهو ۽ چيو ته اهي اهڙي گهر آيا آهن جتي هڪ ئي خاندان جا 6 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا، ڪامران ٽيسوري چيو ته مون وٽ لفظ ناهن ته انهن کي صبر ڪيئن ڏياريو وڃي، سڀ ڄاڻڻ چاهين ٿا ته ذميوار ڪير آهي ۽ ڇا انهن کي سزا ملندي يا نه، جڏهن پنجاب ۾ هڪ ماءُ ۽ ڌيءُ جو گٽر ۾ ڪرڻ سبب موت واقع ٿيو ته واقعي جي ٻئي ڏينهن انصاف ٿيندو نظر آيو، شڪر آهي ته گل پلازا سانحي تي عوامي دٻاءُ تي عدالتي ڪميشن جو اعلان ڪيو ويو، هن بلوچستان ۾ به دهشتگردن پاران بلوچن جي شهيد ٿيڻ تي فورسز کي موثر ڪارروائي تي سلام پيش ڪيو ۽ متاثر خاندان سان ملاقات دوران دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.