ڪراچي (رپورٽر) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هي شهر يتيم ناهي، ڪنهن کي وهم نه هجڻ گهرجي ته ڪراچي لاوارث آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان آئيني ترميم حڪومت آڏو رکيون هيون پر پيپلزپارٽي راضي نه هئي، ستاويهين ترميم ۾ فيلڊ مارشل جي مدي ۾ واڌ ۽ عدالتي حوالي سان اهم فيصلا شامل هئا پر پيپلزپارتي ڪنهن شق کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ گٽرن ۾ ٻار ڪري مري رهيا آهن هر ٻئي ڏينهن ڦر مزاحمت تي شهري قتل ٿي رهيا آهن. 15 ارب رپين مان رڳو ننڍا ننڍا ڪم ٿين ٿا. هن چيو ته جيڪا سنڌ حڪومت 18 سالن کان اسان جي ذميواري ناهي کڻي سگهي اها اڳتي ڇا ڪندي؟ ذوالفقار علي ڀٽي جي آئين ۾ واضح آهي ته جيڪڏهن صوبو مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته وفاق مداخلت ڪري سگهي ٿو.