ڪراچي غيرمحفوظ آهي، سمورا ادارا ڪمزور ۽ تباهه آهن: منعم ظفر

ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي منعم ظفر خان چيو آهي ته ڪراچي شهر غير محفوظ آهي، هڪ کان پوءِ ٻيو حادثو  ٿي رهيو آهي، گذريل ڏينهن به 17 کان 18 جنازا کنيا ويا، هن چيو ته ٻه هفتا گذرڻ باوجود گل پلازا جي شهيدن جون باقيات وارثن کي نه مليون، جڏهن ته مجموعي طور 87 ماڻهو هن سانحي ۾ حياتيون وڃائي چڪا آهن،  سانحي سان پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ بي انتظامي ظاهر ٿي آهي ۽ انهن جي هيٺ هلندڙ کاتا اهڙي حالت ۾ آهن ڄڻ ته انهن وٽ ڪجهه موجود ئي ناهي، هن زور ڏنو ته باهه وسائڻ وارن ادارن وٽ بچاءَ جو لباس نه هو، ريسڪيو 1122 وٽ ضروري اوزار موجود نه هئا، سول ڊفينس ۽ پي ڊي ايم اي جا سمورا کاتا ڪمزور ۽ تباهه آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.