بلوچستان ۾ واقعا حقن جي جدوجهد نه پر دهشتگردي آهي: خواجا آصف

اسلام آباد/لاهور (م ڊ) وفاقي وزير خواجا آصف بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اهي ڪارروايون ڪنهن به صورت ”حقن جي جدوجهد“ ناهن، پر پرڏيهي سرپرستي هيٺ هلندڙ دهشتگردي آهي، جنهن جو نشانو رڳو پاڪستان ئي نه پر بلوچستان جا پنهنجا ماڻهو به آهن. هن چيو ته اهي دهشتگرد عنصر نه ترقي برداشت ڪن ٿا ۽ نه ئي امن، ان ڪري مزدورن، مسافرن ۽ عام شهرين کي نشانو بڻائين ٿا. هنن جو مقصد ترقياتي منصوبن ۽ روزگار جي موقعن کي تباهه ڪرڻ ۽ سي پيڪ جهڙن منصوبن خلاف سازش ڪرڻ آهي. خواجا آصف جو چوڻ هو ته اهي گروهه منظم ڏوهاري نيٽ ورڪن، منشيات تي ٻڌل معيشت، ڀتا خوري ۽ اسمگلنگ ذريعي مالي مدد حاصل ڪن ٿا، جڏهن ته سوشل ميڊيا وسيلي دهشتگردي جي مشهوري ۽ نوجوانن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته رياست پرعزم آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو حوصلو بلند آهي ۽ دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ پرڏيهي هٿيارن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. ٻئي پاسي  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ  خواجا سعد رفيق بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي بيان ڏيندي چيو آهي ته ڀارت سميت پاڪستان جي ٻاهرين ۽ اندروني دشمنن جون پراڪسيز جيترو به زور لڳائين، اهي ناڪام رهنديون. سعد رفيق پنهنجي ايڪس تي پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ محافظن ۽ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ معصوم شهرين کي سلامِ عقيدت پيش ڪجي ٿو. هن چيو ته الله جي فضل سان پاڪستان ئي ڪامياب ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته قوم گڏيل عزم سان دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائيندي ۽ ملڪ جي سلامتي، امن ۽ استحڪام لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.