پاڪستاني عدالتون عالمي درجابندي ۾ پوئتي ڇو؟طرز حڪمراني به لڳاتار سواليه نشان بڻيل

اسلام آباد(حامد مير )عمران خان جي اکين جي بيماري جو جيڪو معاملو شروع ٿيو آهي، ان کان پوءِ هڪ پٺيان ٻيون ڪيتريون ئي خرابيون سامهون اچي رهيون آهن،حڪومت کي گهرجي ته هو پنهنجي گورننس جو جائزو وٺي، ۽ صوبائي حڪومتون به پنهنجي حڪمراني جو احتساب ڪن۔اسان جو موجوده حڪمراني وارو انداز اهو آهي ته هڪ اڳوڻي وزيراعظم کي اوچتو اڊيالا جيل مان ڪڍي پي آءِ ايم ايس اسپتال منتقل ڪيو وڃي، نه ان جي خاندان کي خبر هجي ۽ نه ئي ان جي ذاتي ڊاڪٽر کي اطلاع هجي۔ ان کان پوءِ ٽي چار ڏينهن تائين وزير صاحبان ساڄي کاٻي بيان بازي ڪندا رهن۔ اهو ڪنهن به صورت ۾ سٺو طرزِ حڪمراني ناهي۔اهڙي طرح، لاهور ۾ هڪ عورت ۽ ان جي ڌيءَ جو مين هول ۾ ڪري پوڻ جو واقعو ٿيو۔ صوبائي حڪومت فوراً چيو ته اها “فيڪ نيوز” آهي، ميڊيا غلط خبر هلائي رهي آهي۔ پوءِ ڪجهه چينلز به اهو ئي چوڻ شروع ڪيو ته اها فيڪ نيوز آهي۔جڏهن ته جيڪڏهن ماڻهو واقعي واري هنڌ وڃي ڏسن ها، ته ڪيترن شاهدن ٻڌايو ته جڏهن ننڍڙي نينگري مين هول ۾ ڪري، ته ان جي ماءُ به کيس بچائڻ لاءِ پٺيان ٽپو ڏنو۔ ڪيترن ماڻهن اها ڳالهه بعد ۾ به ٻڌائي، پر حڪومت يا ميڊيا مان ڪنهن کي به موقعي تي وڃي حقيقت معلوم ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي۔ حڪومت جيڪو چيو، ساڳي ڳالهه بنا جاچ جي خبر طور هلائي وئي ته “هي فيڪ نيوز آهي”۔ڪراچي ۾ گل پلازا واري واقعي ۾ به ساڳيو ڪجهه ٿيو، صوبائي حڪومت چيو ته اسان مڪمل انڪوائري ڪنداسين، ميڊيا چيو ته جڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي۔ سياسي جماعتن به جڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪيو۔ آخرڪار حڪومت کي جڊيشل انڪوائري ڏي وڃڻو پيو۔ان جو صاف مطلب اهو آهي ته حڪومت وٽ فيصلا ڪرڻ جي طاقت پاڻ وٽ ناهي، اها ورهايل آهي۔جيڪڏهن ميئر مرتضيٰ وهاب وٽ مڪمل اختيار هجن ها، ته هو جڊيشل ڪميشن جو اعلان گهڻو اڳ ڪري چڪو هجي ها، پر هن وٽ اختيار ئي ناهن۔ان کان پوءِ ايمان مزاري ڪيس جو فيصلو به ڏسو۔ ان ۾ هڪ جج صاحب ايران کي دهشتگرد رياست قرار ڏئي ڇڏيو۔ ان جج بابت هاءِ ڪورٽ جي هڪ سينيئر جج چيو ته “اهي ڪهڙي قسم جا جج آهن، جيڪي توهان لاهور مان ڊيپيوٽيشن تي آڻيو ٿا؟”شايد انهن ئي سببن ڪري پاڪستان جون عدالتون عالمي درجابندي (International Ranking) ۾ لڳاتار هيٺ وڃي رهيون آهن۔۽ شايد ان ئي ڪري پاڪستان ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ به مسلسل پوئتي هلي رهيو آهي۔هڪ طرف اسان جي ميڊيا کي اڻ اعلانيل سينسرشپ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ۽ ٻئي طرف ميڊيا جا ساٿي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪيندا رهن ٿا۔جيڪڏهن هڪ چينل خبر هلائي ته “لاهور ۾ هڪ عورت پنهنجي ڌيءَ سميت مين هول ۾ ڪري وئي”، ته ٻيو چينل چوندو آهي: “هي فيڪ نيوز آهي”، صرف ان ڪري جو صوبائي حڪومت اهو چيو آهي۔ان ڪري سڀني کي گهرجي ته هو پنهنجي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسن، پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن۔نه هي طرزِ حڪمراني پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندو، ۽ نه ئي اهڙي قسم جي صحافت ۽ ميڊيا پاڪستان جي ڪا خدمت ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ رڳو حڪومت جي چوڻ تي ڪنهن خبر کي “فيڪ نيوز” قرار ڏنو وڃي،حڪومت،ميڊيا ۽ عدليه پنهنجي پاڻ کي سڌارين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.