جيڪب آباد ( ڊ ر) آسيا کوسو اجتماعي ڏاڍائي ڪيس، ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، 9 جوابدار پيش، عدالت جوابدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو، جيڪب آباد جي ڪنزيومر پروٽيڪشن جي جج وسيم احمد لاکير جي عدالت ۾ آسيا کوسو اجتماعي زيادتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي گرفتار ٿيل 9 جوابدارن سب انسپيڪٽر نواز بروهي چوڪي انچارج مقصود سنجراڻي وڏو منشي غلام ياسين نوناري اي ايس آءِ محراب سندراڻي اهلڪارن برڪت جکراڻي خادم حسين غلام ياسين مير حسن ۽ ٻين کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت آڏو استدعا ڪئي ته آسيا کوسو ڪيس ۾ سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن متاثره ناري جو 161 ۽ 164 جو بيان به قلمبند ڪيو ويو آهي ڊي اين اي لاءِ جوابدارن جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا وڌيڪ ڪورٽ سڳوري کي استدعا آهي ته جوابدارن جي وڌيڪ جيل ڪسٽڊي جو ريمانڊ منظور ڪيو وڃي عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر جي استدعا منظور ڪندي سمورن جوابدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو، عدالت ٻاھران جاچ آفيسر احسان ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آسيا کوسو زيادتي ڪيس جو جاچ ميرٽ تي ڪيو پيو وڃي ڪيس ۾ نامزد ٿيل سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن وڌيڪ جاچ جاري آهي هن چيو ته جوابدارن جا ڊي اين اي لاءِ جزا ورتا ويا آهن جنھن جو رپورٽ 10 ڏينهن جي اندر اچي ويندو جيڪو عدالت ۾ جمع ڪرائينداسين هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيس جو ٽرائل ڪهڙي عدالت ۾ هلندو اهو چالان جمع ٿيڻ کانپوءِ پتو پئجي ويندو.