ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس گل پلازا ۾ لڳل باهه سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي ذميوار پلازا جي انتظاميا کي قرار ڏيندي شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. نبي بخش ٿاڻي طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو ته غفلت ۽ لاپرواهي سبب باهه واقعي ۾ وڏو نقصن ٿيو، پلازا ۾ فائر سيفٽي اوزار موجود نه هئا، نه ئي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي انتظام ڪيا ويا هئا. پلازا جا ايندڙ ويندڙ رستا بند هئا، بجلي بند ٿيڻ سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ۽ نقصان وڌيڪ ٿيو. ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي فائر برگيڊ واقعي تي دير سان پهچڻ تي ڪي ايم سي جي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز کي معطل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن جڊيشل انڪوائري لاءِ صوبائي حڪومت طرفان لکيل خط سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ملي ويو. عدالت جواب ۾ چيو ته هي خط جاچ ڪميشن بابت سپريم ڪورٽ جي 2023 جي فيصلي موجب ناهي، خط گورنر کي پيش ڪيو وڃي.