ڀاٽي گيٽ واقعو، ايس پي سٽي ۽ ايس ايڇ او ڏوهي قرار

لاهور (بيورو)  لاهور ڀاٽي گيٽ وٽ ماءُ ۽ ڌيءُ جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري جي معاملي ۾ عورت جي مڙس مٿان تشدد جي تصديق،   ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڏوهي قرار، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي حڪم تي ڀاٽي گيٽ واري ۾ فوت ٿيل عورت جي مڙس  تي تشدد جي انٽرنل ڪائونٽيبلٽي برانچ انڪوائري مڪمل ڪري ڇڏي، پوليس موجب انڪوائري ايڊيشنل آءِ جي عمران محمود، ڊي آءِ جي ناصر عزيز ورڪ ۽ ڊي آءِ جي عمران ڪشور ڪئي، رپورٽ موجب ايس پي سٽي بلال ۽ ايس ايڇ او ڀاٽي کي ڏوهي قرار ڏنو ويو، جن غلام مرتضيٰٰ کي موقعي تي پوليس اسٽيشن آندو ان جي وارثن کان ڪو به سوال جواب نه ڪيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس آفيسر غلام مرتضيٰ تي ايس ايڇ او جي ڪمري ۾ تشدد ڪندا رهيا، جنهن جي وڊيو ڪئمرا مان پڻ تصديق ٿي ۽ کيس 5 ڪلاڪن کان غير قانوني حراست ۾ رکيو ويو،  غلام مرتضيٰ چيو ته پوليس آفيسر کيس پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي قتل جو الزام قبول ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.