رياستي ادارن جي ناڪام حڪمتِ عملي تي سنجيده سوال اٿيا آهن:سراج الحق

پشاور(م ڊ) جماعت اسلامي اڳواڻ سراج الحق چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ لڳاتار واڌ، معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت، ۽ صوبي ۾ امن امان  جي انتهائي خراب صورتحال نهايت ڳڻتي جوڳي آهي۔ روزانو ٿيندڙ دهشتگرد حملا عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙي رهيا آهن، جڏهن ته رياستي ادارن ۽ حڪومت جي ناڪام حڪمتِ عملي تي سنجيده سوال اڀري آيا آهن۔بلوچستان جي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي بنيادي ۽ پهرين ذميواري آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون پيون وڃن۔ هن سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري، سنجيده ۽ اثرائتا قدم کڻڻ هاڻي انتهائي ضروري بڻجي چڪا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.