اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) صدر آصف علي زرداري جو يو اي اي جو چار ڏينهن جو سرڪاري دورو هو، جنهن ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس خاندان پڻ شرڪت ڪئي. تجزئي نگارن مهتاب حيدر ۽ وقار گيلاني ڊجيٽل پليٽ فارم تي تبصرو ڪيو ته هن دوري جي اهميت ان حقيقت مان ظاهر ٿئي ٿي ته فوجي اسٽيبلشمينٽ جي نمائندن پڻ ان ۾ شرڪت ڪئي، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته هي رڳو هڪ خانگي دورو نه هو پر رياستي سطح جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه هئي. تازو، يو اي اي ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ ڪجهه ويڇا آيا آهن، خاص طور تي ڪجهه معاهدن ۽ مالي ذميوارين جي معاملن تي اڳڀرائي ناهي ٿي رهي. اهڙي صورتحال ۾، هن دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فاصلو گهٽائڻ ۽ اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي. امڪان آهي ته صدر آصف علي زرداري پاڻ به ايندڙ ڏينهن ۾ هن دوري جي نتيجن ۽ پس منظر بابت ڳالهائيندو.