اسلام آباد (بيورو) ايف بي آر جولائي 2025 کان جنوري 2026 تائين ٽارگيٽ کان 372 ارب گهٽ وصول ڪري سگهيو، فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) مالي سال جولاءِ 2025 کان جنوري 2026 تائين مقررڪيل ٽارگيٽ کان 372 ارب روپيا گهٽ وصول ڪري سگهيو، دستاويز موجب 30 جنوري 2026 تائين ايف بي آر 986 ارب روپيا ٽيڪس وصول ڪري چڪو هو، جڏهن ته جنوري لاءِ ٽارگيٽ 1 هزار 31 ارب روپيا مقرر ڪيو ويو هو، جنوري کان مارچ دوران سپر ٽيڪس جي مد ۾ 200 ارب روپيا وصول ٿيڻ جو امڪان آهي، جولاءِ کان جنوري تائين ايف بي آر مجموعي طور 7 هزار 147 ارب رپيا جمع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جڏهن ته جنوري ۾ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 452 ارب روپيا جي ٽارگيٽ جي مقابلي ۾ 465 ارب روپيا وصول ٿيا، سيلز ٽيڪس جو ٽارگيٽ 387 ارب روپيا مقرر ڪيو ويو هو، پر وصولي 352 ارب روپيا رهي، ان ئي عرصي دوران ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾ ٽارگيٽ 126 ارب روپيا هو، پر ڪليڪشن 107 ارب روپيا رهي، جڏهن ته فيڊرل ايڪسايز ڊيوٽي جي مد ۾ ٽارگيٽ 65 ارب ۽ وصولي 61 ارب روپيا رهي.