نوشهروفيروز/ مورو (نمائندن وٽان)حرن جو روحاني پيشوا اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارو خليفي فقير عبدالسلام ڏاھري جي دعوت تي دريا خان مري ڀرسان مصر جي واھ ۾ روحاني خطاب ڪندي چيو ته پنھنجي نياڻين کي اعلي تعليم ڏياريو نياڻي پڙھيل ھوندي ته پنھنجي ٻارڙن جي سٺي پرورش ڪندي مان پنھنجي روحاني دوري دوران پنھنجون نياڻيون به گڏ وٺي ايندو آھيان ته جيئن حر جماعت فرق محسوس نه ڪري، نوجوانن کي تعليم سان گڏ ھنر سيکاريو ته جيئن گھر جو چرخو سٺو ھلي پاڙي وارن جو خاص خيال رکو، اسان ڪنهن جماعت نه پر پاڪ فوج سان گڏ آحيون، پاڪستان جي فوج جو ساٿ ڏيو،پاڪ فوج اسان جي ملڪ جو دفاع ڪري رھي آھي دنيا ۾ موسمي تبديليون ٿي رھيون آھن برساتون ڪڏھن گھٽ ته ڪڏھن وڌيڪ وسن ٿيون فصل سٺا ٿين يا نه ٿين فصلن جو ريٽ صحيح نه ٿو ملي تنھن ڪري چوپايو مال ڌاريو ته جيئن خوشحالي اچي سگهي، دوري دوران مون ڏٺو آھي ته گھڻيون زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙھي ويون آھن جنھن ڪري پيداوار پڻ گھٽ ٿئي ٿي پنھنجي زمينن گھرن اوطاقن ۾ وڻ پوکيو ته جيئن موسمي تبديلي کي منھن ڏئي سگھجي.