حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراھي اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس قاسم آباد تي رھبر ڪميٽي جي سربراھ ۽ چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ جسقم شھيد بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارثي جي سربراھ نواز خان زئور، جيئي سنڌ تحريڪ جي سربراھ شبير جمالي نواز شاهه ڀاڏائي پنھل ساريو انور بڙدي الاھي بخش چاچڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رھبر ڪاميٽي پاران سڄي سنڌ اندر قومي سجاڳي مھم ھلائي ويندي جنھن ۾ بار ايسوسيشنز پريس ڪلبن کي خطاب عوامي تقريبون ۽ جلسا منقعد ڪيا ويندا قومي سجاڳي مھم دوران سنڌ جي ٻيٽن سامونڊي پيداوار وسيلن ۽ درياهه تي قبضي توڙي سنڌ جي وحدت جي ورھاڱي وارين سازشن خلاف عوام کي متحرڪ ڪيو ويندو، رھبر ڪميٽي جي تنظيمي جوڙجڪ کي ھيٺ ضلعن جي سطح تائين ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ ضلع ڪميٽون جوڙيون ويون اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو ته اسلام آباد کي سنڌ جي سمنڊ سامونڊي ٻيٽن زمينن تفريحي ماڳن خاص طور گورک ڪارونجھر ڪينجھر ھاليجي کيرٿر جي جبلن توڙي درياھي ٻيلن تي وار ڪرڻ جو ڪو حق ناھي، سمنڊ ھجي ٻيٽ ھجن وسيلا توڙي درياهه اھي سنڌ جي ملڪيت آھن ان تي پنجاب جو غير قانوني قبضو ڪنھن بـ صورت ۾ قبول ناھي سنڌ حڪومت کي چئون ٿا ته اھا فورن پورٽ قاسم ڪراچي پورٽ زيارت شاهه حسن ٻيٽ ۽ ٻين ساحلي ماڳن جو ڪنٽرول پنھجي ھٿ ۾ وٺي ڇو ته اھا سنڌ جي ماڻھن جي ملڪيت آھي ملڪ ۾ جيڪي ادارا سنڌ جي ڦرلٽ لاءِ ٺاھيا ويا آھن مثلن لينڊ اينڊ پورٽ اٿارٽي غير قانوني ادارو آھي سڄو سمنڊ ۽ ان جي پيداوار اسلام آباد کڻي ڦري رھيو آھي، زيارت شاهه حسن ٻيٽ سميت سمورن ٻيٽن جي مالڪي تان هٿ نه کڻنداسين، سنڌ جي ورھاست واري سازش جي پٺيان پنجاب بيٺل آھي جنھن جو مضبوط مرڪز جي نالي تي سڄي ملڪ تي قبضو آھي مضبوط مرڪز جون حامي قوتون تاريخي قومن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ نوان صوبا ٺاھڻ واري ايجنڊا ۾ مرڪز سان گڏ بيٺل آھن جنھن ۾ پ پ ايم ڪيو ايم جا وزير ۽ جماعت اسلامي جو موقف ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ توڙي نئين بلدياتي نظام جا مطالبا اھو سڀ ڪجھه اسٽبلشمنٽ جي حڪم تي ڪيو پيو وڃي ان جي مذمت ٿا ڪريون اسين سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، ھائبرڊ نظام حڪومت جا غير قانوني فيصلا سنڌ جي ماڻھن کي قبول ناھن، اسين واضع ڪريون ٿا ته سنڌ جي وحدت خلاف اھڙو ڪو بـ فيصلو ڪيو ويو ته خطي اندر اھڙي تباھي ايندي جنھن کي ڪير منھن ڏئي نـ سگھندو ان تباھي جو ذميوار پنجاب ھوندو.