سنڌ ورهائڻ ۽ ڪراچي الڳ ڪرڻ ملڪ دشمني آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ  ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور نبي پليجو ۽  ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ورهائڻ جي سازش ملڪ سان غداري آهي. هڪ مخصوص دهشتگردن جو ٽولو سنڌ جي وجود تي حملي آور ٿيو آهي. حڪمرانن کي اهو سمجهڻو پوندو ته سنڌ ٽوڙڻ ملڪ سالميت لاءِ خطرو آهي. هنن چيو ته  ڪراچي سنڌ جو تاريخي شھر ۽ سنڌ جي دل آهي. ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ آرٽيڪل 6 جا حقدار آهن. سنڌ ورهائڻ ۽ ڪراچي الڳ ڪرڻ غير آئيني ۽ ملڪ دشمني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.