مٺي (ڊ ر) ٿرپارڪر جي ضلعي هيڊڪوارٽر مٺي جي اسپتال ۾ پنج ڏينهن دوران علاج هيٺ وڌيڪ 6 ٻار فوت ٿي ويا، اسپتال ذريعن موجب، اهي ٻار مختلف بيمارين ۽ ڪمزوري سبب انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ علاج هيٺ هئا، ٻارن مان ٻه مٺي شهر جا ۽ چار ٻهراڙي جي علائقن جا هئا. هڪ مهيني ۾ مٺي اسپتال ۾ مختلف بيمارين سبب فوت ٿيل ٻارن جو انگ 50 ٿي ويو، سول اسپتال جي ايم ايس موجب ٻارن جي موت جو سبب گهرن ۾ ڊليوري ۽ گهٽ وزن سان ڄمڻ آهي.