بلوچستان ۾ دهشتگردن جا حملا، 15 اهلڪار ۽ 18 شهري شهيد، 92 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا (عوامي آواز رپورٽ) بلوچستان ۾ 12 هنڌن تي ڀارتي حمايت رکندڙ دهشتگردن جا حملا ناڪام بڻايا ويا. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي 67  دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ٻن ڏينهن جي آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جو ڪُل انگ 108 ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف موجب، دهشتگردن بلوچستان ۾ 12 هنڌن تي حملو ڪيو، جن ۾ ڪوئيٽا، نوشڪي، دالبندين، پسني ۽ گوادر شامل آهن. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، گذريل 48 ڪلاڪن دوران مختلف ڪارروائين ۾ 88 دهشتگرد مارجي ويا. گهرو وزير محسن نقوي تصديق ڪئي ته بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ دهشتگرد حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 37 دهشتگرد ۽ 10 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته سيڪيورٽي ذريعن دعويٰ ڪئي ته جوابي حملن ۾ 67 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن سان مقابلي دوران 10 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. دهشتگردن گوادر ۾ مزدوري لاءِ آيل 11 شهري به شهيد ڪيا، جن جو واسطو بلوچستان سان هو. مارجي ويلن مزدور ڪٽنب جو واسطو خضدار سان هو جن ۾ هڪ عورت ۽ 3 ٻار به شامل هئا. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي ڳولڻ لاءِ آپريشن ۽ فضائي نگراني به ڪئي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن دهشتگرد ڪاررواين دوران ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پاران ڀارتي حمايت رکندڙ دهشتگردن جي مڪمل حمايت ٻنهي جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي وڌيڪ واضح ڪري ٿي.   سيڪيورٽي ذريعن موجب، پنجگور ۽ شعبان ۾ گذريل ڏينهن مختلف ڪارروائين ۾ 41 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن سان ٻن ڏينهن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 108 ٿي ويو آهي.  بلوچستان جي وڏي وزير جي خاص مددگار شاهد رند چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 70 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا آهن. پوليس ۽ فرنٽيئر ڪور بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪئي ۽ سڀني حملن کي ناڪام بڻايو. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملن ۾ 17 شهري به مارجي ويا، پر اختيارين اڃا تائين سرڪاري طور تي ان جي تصديق نه ڪئي آهي. خاران ۾ ملازئي قومي اتحاد جي چيئرمين مير شاهد گل جي گهر تي حملي ۾ شاهد گل سميت ست ماڻهو مارجي ويا، سندس گهر ۽ ڪار کي به باهه ڏني وئي. حڪومت جي دعويٰ آهي ته راڄڌاني ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن ۾ دهشتگرد حملن کي ناڪام بڻايو ويو آهي.  ذريعن موجب ڪوئيٽا ۾ صبح جو 6 وڳي کان پوءِ حملا شروع ٿيا ۽ دهشتگردن ريڊ زون جي ويجهو سرياب روڊ ۽ هزارگنجي کان ايڌي چوڪ تائين علائقن تي حملو ڪيو. ايڌي چوڪ تي هڪ زوردار ڌماڪو پڻ ٿيو، جنهن جي نوعيت جو اندازو نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف، مستونگ جيل تي حملي دوران 27 قيدي جيل مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. نوشڪي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي گهر تي حملي دوران کيس يرغمال بڻايو ويو. بلوچستان جي پسني ضلعي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي آفيس تي هڪ عورت آپگهاتي بمبار جي حملي جي به رپورٽ سامهون آئي جڏهن ته، اختيارين ٿيل نقصان جا تفصيل ناهن ڏنا.  مڇ ۾ ماڻهن کي گهرن مان نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان مسجدن ۾ اعلان پڻ ڪيا ويا. سيڪيورٽي اهلڪارن صحافين کي سول اسپتال وڃڻ کان به روڪيو. واقعن بعد ريڊ زون کي سيل ڪيو ويو، سول سيڪريٽريٽ ۽ عدالتن سميت سرڪاري آفيسن ۾ سرگرميون بند ڪيون ويون، ڪاروبار معطل ڪيو ويو. ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ ۽ ايندڙ ٽرين سروس معطل ڪئي وئي آهي. ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي به جيڪب آباد ۾ روڪيو ويو. جعفر ايڪسپريس، بولان ميل، چمن پيسنجر ٽرين ۽ زاهدان سيڪشن تي ٽرين سروس معطل آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان چيو ته ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. حملن کان پوءِ ڪوئيٽا شهر ۾ انٽرنيٽ سروس بند آهي.پابندي مڙهيل عليحدگي پسند گروپ بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) هڪ بيان جاري ڪندي حملن جي ذميواري قبول ڪئي ۽ ان کي آپريشن هيروف جو ٻيو مرحلو قرار ڏنو.

راولپنڊي(عوامي آواز رپورٽ)ڪوئيٽا، گوادر، پنجگور سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگرد حملن کي ناڪام  بڻايو ويو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين دوران 3 خودڪش بمبارن سميت 92 دهشتگرد مارجي ويا۔پاڪ فوج جي شعبه تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، فتنہ الهندستان جي اسپانسر ڪيل دهشتگردن بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ انهن 31 جنوري تي بلوچستان جي مختلف شهرن ڪوئيٽا، مستونگ، نوشڪي، دالبندين، خاران، پنجگور، تمپ، گوادر ۽ پسني۾ ڪارروائيون ڪيون۔آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته حملن جو مقصد شهري ماڻهن کي نشانو بڻائي صوبي ۾ اڻ استحڪام پيدا ڪرڻ هو، ۽ دهشتگردن گوادر ۽ خاران ۾ عورتن، ٻارن ۽ مزدورن سميت 18 شهري شهيد ڪيا۔آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ڪوئيٽا، گوادر، پنجگور سميت مختلف علائقن ۾ دهشتگرد حملن کي ناڪام بڻائي 3 خودڪش بمبارن سميت 92 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 133 ٿي ويوآهي۔آءِ ايس پي آر موجب، ڪلينئرنس آپريشن دوران 15 جوان شهيد ٿيا۔آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته حملا پاڪستان کان ٻاهر ويٺل دهشتگردن جي هدايتن تي ڪيا ويا، ۽ ڪارروائي دوران دهشتگردن جو سڌو سنئون رابطو پرڏيهي هينڊلرز سان رهيو۔آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته متاثر علائقن ۾ سينٽائيزيشن آپريشنز اڃا جاري آهن، منصوبه سازن، سهولت ڏيندڙن ۽ مددگار کي هر صورت انصاف جي ڪٽهي ۾ آندو ويندو، ۽ استحڪام جي عزم تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.