سياسي ۽ معاشي بي يقيني سبب غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ،اين ايف سي فارمولي تي نظرثاني

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پاڪستاني حڪومت طرفان جاري ڪيل هائوس هولڊ سروي موجب سال 2018–2019 جي ڀيٽ ۾ سال 2024–2025 دوران، پگهارن ۾ واڌ باوجود به عوام جي معيارِ زندگي ۾ گهٽتائي آئي آهي۔سروي مطابق عوام جي خريداري جي سگهه ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي۔ مجموعي طور ڇهن سالن دوران خريداري جي سگهه ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته شهري علائقن ۾ مهانگائي سبب اها گهٽتائي 17 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي۔هڪ ملازمت پيشه شخص ٻڌايو ته خرچ ايترا وڌي ويا آهن جو هو بمشڪل ڪا بچت ڪري سگهي ٿو،هن چيو ته 90 هزار رپيا پگهار آهي، ٽي ٻار آهن۔ وڏي مشڪل سان 10 هزار رپيا بچايا هئا، ٻار بيمار ٿيو ته اهي پيسا ڊاڪٽر ۽ دوائن تي خرچ ٿي ويا، پوءِ باقي پگهار مان  گهر جو سامان وٺڻو پيو۔ هاڻي ڪجهه به ناهي بچيو،عالمي بئنڪ ۽ ٻين مالي ادارن موجب پاڪستان ۾ غربت وڌي آهي۔ عالمي بئنڪ جي تازي رپورٽ مطابق 2018 تائين غربت گهٽجي رهي هئي، پر مهانگائي، ٻوڏن ۽ ڪرنسي جي قدر گهٽجڻ سبب 2023–2024 ۾ پاڪستان جي 25 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي۔گذريل ڪجهه سالن ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن ناڻي جو ڦهلاءُ 30 سيڪڙو کان مٿي هليو ويو، جيڪو هاڻي گهٽجي 5 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي۔پر ناڻي ڦهلاءُ جو  گهٽجڻ جو مطلب اهو ناهي ته شيون سستي ٿي ويون آهن، بلڪه ان جو مطلب اهو آهي ته قيمتن ۾ واڌ جي رفتار گهٽجي آهي۔ آمدني نه وڌڻ سبب ماڻهن جي خريداري جي سگهه وڌيڪ سُڪڙي وئي آهي۔ڇا معاشي استحڪام سان عام ماڻهو جي زندگي بهتر ٿي؟ان حوالي سان ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد جو چوڻ آهي ته معاشي استحڪام جا اثر هاڻي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ ٻوڏن باوجود به هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ جي ڊي پي جي واڌ 3.7 سيڪڙو رهي آهي،هن چيو ته حڪومت اهڙي ترقي چاهي ٿي جيڪا استحڪام برقرار رکندي عوام کي مستقل طور غربت مان ڪڍي، تنهنڪري هن ڀيري سوچ سمجهي اڳتي وڌي رهيا آهيون،خرم شهزاد موجب پهرين خسارو گهٽايو ويو ۽ زر مبادلي جا ذخيرا وڌايا ويا ته جيئن سيڙپڪاري لاءِ اعتماد پيدا ٿئي، پوءِ نجي شعبي مان سيڙپڪاري اچي، جنهن سان آمدني وڌي ۽ غربت گهٽجي۔ليبر فورس سروي مطابق مالي سال 2025 ۾ بي روزگاري جي شرح 7.1 سيڪڙو آهي، جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن جي بلند ترين سطح آهي۔منصوبا بندي واري وزير احسن اقبال موجب آءِ ايم ايف پروگرام ۽ قدرتي آفتن سبب بي روزگاري وڌي آهي،ڇو معاشي استحڪام ترقي ۾ تبديل نه ٿي سگهيو؟اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو معاشي ماڊل ئي اهڙو ناهي جيڪو عوامي خوشحالي آڻي سگهي۔پبلڪ پاليسي ماهر خاقان نجيب مطابق آءِ ايم ايف پروگرام سان مائڪرو اقتصادي استحڪام ته آيو آهي، پر اهو خوشحالي نٿو آڻي سگهي۔ صرف ٽيڪس وڌائڻ بدران ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ ضروري آهي۔انٽرلوپ ٽيڪسٽائل جي چيئرمين مصدق ذوالقرنين جو چوڻ آهي ته استحڪام جو مطلب رڳو اهو آهي ته حالتون وڌيڪ خراب ناهن ٿي رهيون، پر ترقي به نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ⁠ ته بلند وياج شرح  ۽ ٽيڪس ڪاروباري موقعن کي محدود ڪن ٿا۔هر سال 35 کان 40 لک نوجوان روزگار جي مارڪيٽ ۾ اچن ٿا، جن کي نوڪريون تڏهن ملنديون جڏهن معيشت 6 کان 7 سيڪڙو جي رفتار سان وڌندي۔اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح موجب خوشحالي آڻڻ لاءِ ڪا حقيقي اصلاح نه ڪئي وئي، بلڪه درآمدن تي پابنديون ۽ ٽيڪس وڌائي خسارو گهٽايو ويو، جنهن سبب صنعتون بند ٿي رهيون آهن، نوڪريون ختم ٿي رهيون آهن ۽ غربت وڌي رهي آهي،صنعتڪارعارف حبيب موجب صنعتون مڪمل صلاحيت سان ناهن هلي رهيون، جنهن سبب نه نوڪريون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ نه ئي ترقي وڌي رهي آهي۔ايس اينڊ پي گلوبل مارڪيٽ انٽيليجنس موجب مالي سال 2026 ۾ ترقي 3.5 سيڪڙو ۽ 2027 ۾ 4.4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي۔ماهرن موجب سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام عوام کي غربت ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي۔اقوام متحده جي هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس مطابق پاڪستان 193 ملڪن مان 168هين نمبر تي آهي، ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ صرف افغانستان کان بهتر آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته سيڙپڪاري، صنعتن جي واڌ، توانائي ۽ ٽيڪسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي، ۽ وفاق ۽ صوبن جي وسيلن جي ورڇ ۾ سڌارا آڻڻ کان سواءِ خوشحالي ممڪن ناهي۔پاڪستان 2024 ۾ 7 ارب ڊالر جو آءِ ايم ايف پروگرام ورتو، جيڪو 2027 ۾ ختم ٿيڻ وارو آهي۔ حڪومت کي اميد آهي ته اهو آخري پروگرام هوندو، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته بنا سخت سڌارن جي اهو ممڪن ناهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.