رياض (م ڊ) سعودي عرب بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڀارتي حمايت يافتا دهشت گردن جي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، سعودي پرڏيهي وزارت جي بيان موجب سعودي عرب هر قسم جي دهشت گردي ۽ انتهاپسندي کي مڪمل طور رد ڪري ٿو ۽ پنهنجي اصولي ۽ واضح موقف کي ٻيهر ورجائي ٿو، بيان ۾ پاڪستان سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ امن جي خلاف ٿيندڙ سڀني ڪاررواين جي مخالفت ڪري ٿو،هوڏانهن قطر جي پرڏيهي وزارت بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي آهي.