پاڪستان جي ڪل آباديءَ جو لڳ ڀڳ 64 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي. هي "ڊيموگرافڪ ڊيويڊنڊ” (Demographic Dividend) جتي هڪ عظيم قوت آهي، اتي موجوده ملڪي حالتن ۾ هڪ وڏو چئلينج پڻ بڻجي ويو آهي. يعني ھيڏي وڏي تعداد ۾ نوجوان توانائي جو وڏو خزانو آھن، ڪيئي ملڪ اھڙي قوت لاءِ سڪن ٿا پر اسان وٽ حساب ئي ٻيو آھي۔ اڄ جو نوجوان معاشي بدحالي، مهانگائي، ۽ وڌندڙ بيروزگاريءَ جي ور چڙهيل آهي، وٽن تعليمي ڊگريون ته موجود آهن پر اهي جديد مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ ٽيڪنالاجيڪل مهارتن کان پري آهن. نوجوانن لاءِ رستن جو محدود ٿيڻ، سياسي ويڳڻائپ ۽ ذهني دٻاءُ کين يا ته مايوسيءَ جي اٿاهه گهرائيءَ ۾ اڇلي رهيو آهي يا وري "برين ڊرين” (Brain Drain) جي صورت ۾ ملڪ جو بهترين سرمايو ٻاهرين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيو آهي.
پاڪستان جي مڙني ننڍن صوبن جيان سنڌ پڻ گهڻ رخي بحرانن کي منھن ڏئي رهي آهي. آئين ۾ ڏنل صوبائي حقن تي اڻپورو عمل ۽ جمهوريت جو آهستي آهستي ڪمزور ٿيندڙ ڍانچو، ڪمزور طرزِ حڪمراني، ادارتي زوال، قدرتي وسيلن جي بدانتظامي، پاڻيءَ جي ورڇ بابت تڪرار، ھر نئين ڏينھن سان ان ۾ هڪ هيٺئين وهڪري / لوئر رپيرين واري صوبي طور، سنڌ لاءِ نوان ڇيھا ڇلڪي رھيا ھوندا آھن۔ ان سان گڏ پاڻيءَ جو ڪرندڙ معيار، ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ اهي سڀ مسئلا الڳ الڳ ناهن، پر هڪ ئي انتظامي جھول جا مختلف چهرا آهن. سنڌ کي درپيش خطرا رڳو معاشي يا انتظامي ناهن، صوبي جي آئيني، تاريخي ۽ جاگرافيائي سڃاڻپ، سياسي وحدت ۽ سماجي هم آهنگي به دٻاءُ هيٺ آهن. ايتري حد تائين جو هر ننڍي انتظامي ناڪامي، هر شهري مسئلو يا وسيلن جي کوٽ، ڪجهه حلقن کي سنڌ جي ورهاست جهڙن خطرناڪ غير آئيني خيالن تائين وٺي وڃي ٿي. اها سوچ صرف غير ذميوار نه، پر هڪ اهڙي صوبي لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي جيڪو تاريخي طور پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ جمهوري، گهڻ ثقافتي ۽ ترقي پسند سوچ وارو صوبو رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ نوجوانن بابت بحث ڪا اڻ سڌي سماجي ڳالهه ناهي، اهو اصل ۾ سنڌ جي سياسي طاقت، سماجي استحڪام ۽ آئيني حقن جي تحفظ جو سوال آهي. سنڌ جا نوجوان ئي اها قوت آهن، جيڪي موجوده ڪمزور طرز حڪمراني، جمھوري پستي ۽ ادارتي زوال کي روڪي سگهن ٿا۔
نوجوانن کي اڪثر هڪ واحد سماجي گروهه طور پيش ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ نوجوان گوناگون آهن. عمر جا مرحلا، جنس، شهري يا ٻهراڙيءَ سان تعلق، معاشي حيثيت ۽ زندگيءَ جا رستا نوجوانن جون ضرورتون ۽ موقعا بنيادي طور تبديل ڪري ڇڏين ٿا. ٻهراڙيءَ جي ھڪ غريب ڇوڪري، جنھن کي اھو خطرو آھي ته ڪٿي ھن کان اسڪول نه ڇڏايو وڃي ۽ شهر جو يونيورسٽي گريجوئيٽ نوجوان، جيڪو نوڪريءَ جي تلاش ۾ آهي، انهن ٻنهي لاءِ ساڳي پاليسي لاڳو ڪرڻ يقيني ناڪامي آهي. سنڌ ۾ نوجوانن واري پاليسي جي سڀ کان وڏي ڪمزوري اها رهي آهي ته نوجوانن کي هڪجهڙو سمجهندي فيصلا ڪيا ويا آهن. نتيجي طور، وسيلا صحيح هنڌ تي نٿا پهچن. اثرائتي حڪمراني تڏھن ممڪن ٿي سگھي ٿي جڏهن پاليسيون عمر، جنس ۽ جڳهه/ علائقي جي بنياد تي چٽي طور ٽارگيٽ ڪيون وڃن.
گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي تعليم تي وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي. اسڪولن ۽ يونيورسٽين جو تعداد وڌيوآهي. پر ساڳئي وقت هڪ تلخ حقيقت به سامهون آئي آهي: تعليم سکيا، مهارت ۽ پيداوار ۾ تبديلي نه ٿي رهي آهي. جڏهن تعليم ڪاپي ڪلچر، بورڊن مان پئسن تي مارڪون وٺڻ، يادگيري ۽ نصابي پابندي تائين محدود رهي ۽ تنقيدي سوچ، مسئلا حل ڪرڻ، رابطي جون صلاحيتون ۽ ڊجيٽل ڄاڻ نظرانداز ٿين، ته نتيجو تعليم يافته اڻپڙھيل انبوھن ۽ بي روزگاري جي صورت ۾ نڪري ٿو. ڊگري هاڻي روزگار جي ضمانت ناهن، اها نوجوانن لاءِ انتظار واري زندگي جو آغاز بڻجي ويون آهن۔ نوڪري وري گھڻو ڪري پئسن سان مشروط ٿي وئي آھي۔
سڄي پاڪستان جيان سنڌ جي معيشت اڃا تائين غير رسمي شعبي، گهٽ پيداواري نوڪرين ۽ محدود صنعتي ڍانچي تي بيٺل آهي. سرڪاري نوڪريون، جيڪي ڪنهن زماني ۾ نوجوانن لاءِ سماجي تحفظ جو ذريعو هيون، هاڻي انتهائي محدود ۽ سياسي ۽ پئسي واري مقابلي جو ميدان بڻجي چڪيون آهن. انهيءَ صورتحال هڪ خطرناڪ لاڙي کي جنم ڏنو آهي. انتظار واري بي روزگاري، نوجوان سالن جا سال سرڪاري نوڪريءَ جي اميد ۾ ويٺا رهن ٿا، نه مهارت وڌائين ٿا، نه خانگي شعبي ۾ تجربو حاصل ڪن ٿا ۽ نه ئي نوان معاشي رستا آزمائين ٿا. حڪومت ميرٽ کي ڪنڊائتو ڪيو ته اڪثريت اھليت جي جاءِ تي ٻيو گس وٺي ٿي۔ انتظار ۾ ڪجهه نه ڪرڻ انساني سرمائي جو ضايع ٿيڻ آهي، جنهن جي قيمت آخرڪار پوري سنڌ کي ادا ڪرڻي پوي ٿي. تحقيق واضع ڪري ٿي ته رڳو مهارتي تربيت جا شارٽ ڪورس جيڪڏهن مارڪيٽ، مالي سکيا ۽ عملي تجربن سان ڳنڍيل نه هجن ته گهڻو فائدو نٿا ڏين.
سنڌ جي نوجوانن بابت بحث گهڻو ڪري شهري مرڪزن تائين محدود رهي ٿو، جڏهن ته اڌ نوجوانن جو تعداد ٻهراڙيءَ ۾ رهي ٿو . ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ڪشمور، ٺٽو ۽ بدين جهڙن ضلعن ۾ تعليم جو معيار ڪمزور، ڊجيٽل سهولتون محدود ۽ زراعت کان سواءِ روزگار نه ھئڻ جي برابر آهن. زراعت سان سلھاڙيل صنعتون گھٽ آھن ۽ نوجوانن جي روزگاري کپت ٻھراڙين ۾ محدود آھي۔ هيٺئين وهڪري وارو صوبو ھجڻ جي ڪري، پاڻي جو اچڻ گھٽجندو رھيو آھي، اقتصادي دٻاءُ تحت پوکي لائق ٻني ڪو به خالي نه ٿو ڇڏي؛ وڌندڙ پاڻيءَ جي کوٽ، غير منصفاڻي ورڇ ۽ پاڻيءَ جي معيار جا مسئلا زراعت، خوراڪ ۽ روزگار سڀني کي متاثر ڪن ٿا. انهن مسئلن جو سڀ کان وڏو بار نوجوانن تي پوي ٿو. نوجوان زراعت کان انڪار نٿا ڪن، اهي غير يقيني ۽ گهٽ منافعي وارا مستقبل ڇڏڻ چاهين ٿا. جڏهن زمين تائين رسائي محدود هجي، مارڪيٽون ڪمزور هجن ۽ وسيلن تي ڪنٽرول نه هجي، ته شهر ڏانهن لڏپلاڻ مجبوري بڻجي وڃي ٿي. سمجھڻ گھرجي ته ٻهراڙي جي بھتر ترقي، منصفاڻي پاڻي ورڇ ۽ وسيلن جي ذميوار انتظام کانسواءِ ڪا به نوجوان پاليسي ڪامياب نٿي ٿي سگهي.
نوجوان عورتن کي پاليسي بحثن ۾ اڪثر سماجي موضوع سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ اهو هڪ بنيادي معاشي ۽ حڪمرانيءَ جو سوال آهي. محفوظ ٽرانسپورٽ، ٻارن جي سار سنڀال جون سهولتون، ڪم جي جڳهن تي تحفظ ۽ لچڪدار ڪم کانسواءِ عورتن جي ليبر فورس /روزگار جي موقعن ۾ شموليت ممڪن ناهي. جيستائين اڌ نوجوان آبادي معاشي نظام کان ٻاهر رهندي، تيستائين سنڌ جي ترقي، وسيلن جي استعمال ۽ سماجي استحڪام بابت سڀ دعوائون اڌوريون رهنديون. ڊگهي بي روزگاري، مهانگائي ۽ غير يقيني مستقبل نوجوانن ۾ ذهني دٻاءُ، مايوسي ۽ نشي جي استعمال کي وڌائي رهيا آهن. ذهني صحت اڃا تائين نوجوان پاليسي جو مرڪزي حصو نه بڻجي سگھي آهي، جڏهن ته ذهني صحت کانسواءِ نه تعليم ڪارائتي ٿي سگهي ٿي، نه روزگار. ساڳئي وقت، شاگرد يونينن جي غير موجودگي ۽ نوجوانن لاءِ بامقصد سياسي پليٽ فارمن جي کوٽ جمهوريت کي ڪمزور ڪري رهي آهي.
سنڌ يوٿ پاليسي 2018 هڪ واضح ۽ جامع دستاويز طور تي ترتيب ڏنل آهي پر ان کي عمل ۾ آڻڻ وارو ڪم محدود رهيو آھي. پاليسي جي نه لاڳو ٿيڻ جا اهم سبب بجيٽ ۽ وسيلن جي کوٽ، مختلف شعبن جي وچ ۾ همآهنگي جي گهٽتائي، ضلعي سطح تي آپريشنل/عملي مشينري جو قائم نه ٿيڻ، نگراني ۽ کنيل قدمن جي نتيجن کي ڏسڻ لاءِ ڊيٽا سسٽم جو نه ھجڻ ۽ نوجوانن جي حقيقي نمائندگي جي کوٽ آهن. نتيجي طور ڪيترائي وعدا ڪتابن ۾ ئي رهجي ويا ۽ عملي اثر گھٽ رهيو. ان دستاويزي خلا ۽ عملداريءَ جي کوٽ جي وضاحت پاليسي ۾ پڻ ملي ٿي۔
تحقيق، زميني حقيقتن، تجربي ۽ مشاھدي مان چٽو آهي ته پاڻ ۾ بي ربط، ظاھري نماءُ وارا پراجيڪٽ ۽ پروگرام اڪثر ناڪام ٿيندا آهن. اثرائتي حڪمت عملي لاءِ ضروري آهي ته پاليسيون عمر، جنس/صنف ۽ علائقن جي بنياد تي جوڙيون وڃن، تعليم ۽ مهارتن کي مارڪيٽ سان ڳنڍيو وڃي، اپرنٽس شپ ۽ انٽرن شپ کي مالي معاوضي وارو بڻايو وڃي، ٻهراڙي جي نوجوانن لاءِ وسيلا، مالي ذريعن تائين پھچ ۽ ويليو چينز مهيا ڪيا وڃن، ۽ عورتن لاءِ صنفي-حساس ڊزائن اپنايو وڃي. اهڙيون پاليسيون رڳو وزارتي بيانن سان عمل ۾ نه ٿيون اچن؛ انهن لاءِ واضح بجيٽنگ، ضلعي، تعلقي ۽ يوسي ليول تائين آپريشنل مشينري، بااختيار نوجوان ڪائونسلون ۽ شفاف مانيٽرنگ/نگراني جو نظام ضروري آهن.
نوجوان جا مسئلا، انھن جا پيدا ڪيل ناھن۔ سنڌ جا نوجوان مسئلو ناهن؛ اهي موجوده نظام جي ڪمزوري جو آئينو آهن. جيڪڏهن حڪمراني بهتر ٿئي، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ٿئي، آئيني حقن تي عمل ٿئي ۽ نوجوانن کي علم، مهارت ۽ آواز ملي ته هي آبادي سنڌ لاءِ سڀ کان وڏي طاقت بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان ۽ سنڌ جي حڪمرانن کي نوجوانن کي مڪمل ترجيح ڏئي، پاليسيون، پراجيڪٽ، پروگرام بھتر طرز حڪمراني سان رکڻ گھرجن۔ بقا، بچاءُ ۽ محفوظ مستقبل جو ٻيو ڪو گس آھي ئي ڪونه!