جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه: سنڌ پرست ۽ انسان دوست شخص

سيد پير شاھ جيلاني

اڄ هڪ اهڙي عظيم انسان ۽ موتي داڻي جو ذڪر ڪبو، جيڪو  انسان دوست شخص هيو، انسان جي زندگي ۾ ڪيتريون ئي چڱايون ۽ برايون هونديون آهن، پر تاريخ به هميشه انصاف ڪندي رهي آهي، دنيا جي تخت تي هزارين نه بلڪ لکين انسان تخت گاهن جا بادشاھ بڻيا. قدرت انهن کي طاقت جا سرچشما به عطا ڪيا، انهن سڀني طاقتن هئڻ جي باوجود پاڻ کي خلق خدا جو خادم تصور ڪيو  ۽ پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي بنياد تي هميشه نياز، نوڙت ۽ عاجزي سان پنهنجي زندگي خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪئي.

ويجهي تاريخ ۾ تمام ٿورا ماڻهو ملندا جن جي اخلاق ۽ ڪردار تي فخر ڪري سگهجي ٿو. سچ پچ  سنڌ ڌرتي جي پاڪ پوتر مٽي مان جنم وٺندڙ ان عظيم انسان کي ڏسڻ سان اکين جا ٿڪ لهي ويندا هيا. سندس اخلاق، پنهنجائپ، خلوص، ۽ پيار جو هڪ پنهنجو منفرد انداز هيو. سندن چهري تي هميشه مرڪ انساني عظمتن جا پڙاڏا بڻجي ويندي هئي. ان سنڌ ڌرتي جي انمول عاشق کي جسٽس  سيد ديدار حسين شاھ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. سيد ديدار حسين شاھ پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حثيت رکندو هيو.سندن ذات هميشه مجبور ۽ لاچار ماڻهن لاءِ سهارو هئي، پاڻ انتهائي ايماندار، سچا، بهادر ۽ همدردي رکندڙ شخصيت جا مالڪ هئا، جيڪو هميشه ماڻهن جي مدد ڪرڻ کي عبادت سمجهندو  هو.

11 ڊسمبر 1939ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري ۾ سيد محبوب علي شاھ نقوي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد حسين ديدار شاھ نقوي تي ننڍپڻ کان ئي مٿن قدرت مهربان رهي، سندن والد سيد محبوب علي شاھ جي وفات کان پوءِ سندس پالنا سندس چاچي سيد وريل شاھ نقوي جن ڪئي. پنهنجي ماضي کي هميشه ياد رکندڙ هن فقير طبيعت انسان کي قدرت سندس اڻ کٽ محنت، جفا ڪشي، سچائي ۽ ايمانداري جي ڪري ترقي جي بلندين تائين پهچايو.

سيد ديدار حسين شاھ جو باهمت، بااصول، انسان دوست ۽ ثابت قدم بڻجڻ ۾ سندس تربيت سندس امڙ جيجي امان سيده امام زاديءَ، سيد وريل شاھ،  ۽ سيد نياز حسين شاھ  ڪئي. جن شفقت، محنت، پيار ۽ تمام سٺي پرورش ۽ تربيت ڪئي، جنهن جي ڪري سائين جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ زندگي جي انتهائي اعلي! مقام تي پهتو، سندس اخلاق باوقار ڪردار جي ڪري ئي سيد ديدار حسين شاھ دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. سيد ديدار حسين شاھ پنهنجي اعليٰ تعليم جي بنياد تي ملڪ جي اهم عهدن تي فائز رهيو، جنهن پنهنجي جيڪا تاريخ ٺاهي ان جو ڪو به ويجهي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، واقعي هو پاڻ بي مثال هئو.

ديدار شاهه پنهنجي عملي زندگي جي شروعات 22 آگسٽ 1947ع اولھه پاڪستان جي سب ڪورٽس ۾ پروفيشنل وڪيل جي حيثيت سان ڪيائين، 23 آگسٽ 1974ع سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيائين، 1979ع کان 1983ع تائين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر رهيو، 1978ع ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ورڪس سب ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو. ان سڄي عرصي ۾ سيد ديدار حسين شاھ بنا مقابلي تعلقي ڪائونسل جو ميمبر رهڻ سان گڏ 1987ع کان 1991 تائين ٻيو ڀيرو ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر ٿيو، ان دوران سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي سنڊيڪيٽ جو ميمبر رهيو، آغا خان يونيورسٽي جو ٽرسٽي رهيو.

جڏهن بينظير ڀٽو طرفان لاڙڪاڻي ضلعي جي پي ايس ٽيهھ رتوديرو تي ممتاز علي ڀٽو سامهون اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته  ان دؤر ۾ ضلعي جا سردار رئيس، وڏيرا ۽ بااثر ماڻهو هئڻ جي باوجود بينظير ڀٽو مڊل ڪلاس طبقي سان واسطو رکندڙ وڪيل سيد ديدار حسين شاھ کي حڪم ڪيو ته اوهان ممتاز علي ڀٽو جي سامهون اليڪشن وڙهو، ممتاز علي ڀٽو جهڙي قداور شخص اڳيان ديدار حسين شاھ اليڪشن وڙهيو،  اهڙي هڪ مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ وڪيل تاريخ بدلائي ڇڏي. ان اليڪشن ۾ 3000 هزار ووٽن تان ممتاز علي ڀٽي کي تاريخي شڪست ملي، ديدار علي شاھ  1988ع کان 1993ع تائين ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبلي جا ميمبر رهيا، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هئڻ ناتي ڪيترائي تاريخي بل پاس ڪرايا، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن کي سگا جو ميمبر ٿيڻ تي لڳل پابندي هٽائڻ ۽ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تان سنڌي ۾ فقط 25 منٽ پروگرام هلائڻ وارو سلسلو بند ڪرائي سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي هڪ ڪلاڪ تائين ڪرائڻ کان وٺي ٻيا ڪيترائي عملي ڪم ڪيا، ديدار حسين جو ذاتي ڪردار سنڌؤ جي پاڪ پوتر پاڻي جيان هيو، جنهن تي سنڌي قوم کي فخر ۽ ناز رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.