ڪراچي: گل پلازا سانحي جي جاچ رپورٽ بابت جيڪي اندروني خبرون ملي رهيون آهن انهن ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪي رڳو جاني نقصان تائين محدود نه آهن، پر اسان جي انتظامي نظام، ايمرجنسي ريسپانس ۽ فائر سيفٽي جي خراب حالتن کي به اجاگر ڪن ٿا. اهو واقعو صرف هڪ عمارت جي باهه نه، پر شهر جي انتظاميا، ريسڪيو ادارن ۽ قانوني ڪاررواين جي ڪمزورين جو هڪ خوفناڪ آئينو آهي. جڏهن گل پلازا جي هڪ پاسي باهه لڳي، ته ٻئي پاسي کان ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿي؟ ڇا ريسڪيو ٽيمن طرفان داخلا دروازا يا شيشا ٽوڙڻ هڪ فني غلطي هئي يا لاپرواهي؟ رپورٽ ۾ ذميوارن جو تعين نه ٿيڻ ۽ خامين جي نشاندهي نه ٿيڻ، خدشن کي وڌايو آهي. اها ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن آڪسيجن جي کوٽ ۽ ِ مناسب وينٽيليشن جو رستو ٺاهيو ويو هجي، ته شايد جاني نقصان گهٽجي وڃي ها.
اندروني رپورٽ موجب باهه وسائڻ واري عملي وٽ ڪافي اوزار، جهڙوڪ آڪسيجن سلنڊر، ٿرمل ڪيمرا ۽ ڌوئو ڪڍڻ وارا ايموڪ ايجڪٽرز موجود نه هئا، جنهن سبب فائر بريگيڊ جو عملو عمارت ۾ داخلا کان هٻڪيو. هائيڊرولڪ لفٽن ۽ جديد ريسڪيو اوزارن جي کوٽ، ٽيمز جي ڪارڪردگي ۾ دير جو سبب بڻي. اهو سوال اڃا به اٿاريو وڃي ٿو ته پوليس، فائر بريگيڊ، ريسڪيو 1122 ۽ انتظاميا وچ ۾ گڏيل ڪمانڊ سينٽر ڇو موجود نه هو، جنهن سبب فوري فيصلا نه ٿي سگهيا. گل پلازا جي ريسڪيو آپريشن دوران، سوال اٿن ٿا ته سرڪاري ادارن پاران عمارت کي ڪليئرنس ڇو ڏني وئي؟ ڇا فائر ايگزٽ موجود هئا، ۽ جيڪڏهن هئا، ته آپريشن دوران اهي کليل هئا يا قبضو/حدود ٺاهيل هيون؟ فائر الارم ۽ اسپرنڪلر سسٽم جو موجود هجڻ يا نه هجڻ، پڻ جان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو، پر ان جي جاچ اڳواٽ نه ٿيڻ، انتظاميا جي لاپرواهي کي ظاهر ڪري ٿي.
فائر بريگيڊ جي گاڏين ۾ پاڻي جي کوٽ، ريسڪيو 1122 ۽ فائر بريگيڊ لاءِ مناسب اوزارن جي غير موجودگي ۽ ايمرجنسي ريسپانس دوران ٽريفڪ ۽ ضلعي انتظاميا جي لاڳاپيل ڪم ۾ سستي، جاني نقصان جو وڏو سبب بڻجي. پهريون فائر ٽينڊر واقعي واري هنڌ پهچڻ ۾ 22 منٽ، جڏهن ته ريسڪيو 1122 جو عملو 38 منٽ دير سان پهتو. اهو دير جو وقت، 79 جانين جي وڃاڻي سان نتيجو خيز ثابت ٿيو. انڪوائري رپورٽ ۾ اهو به ظاهر ٿيو آهي ته گرائونڊ فلور تي گلن جي دڪان ۾ هڪ ٻار جي هٿان باهه لڳي، جيڪا تيزي سان پکڙجي، ايئر ڪنڊيشننگ ڊڪٽس ذريعي عمارت جي ٻين حصن تائين پهتي. هن سانحي ۾ موت جا وڏا حصا 9 هين فلور تي ٿيا، جيڪي واضح ڪن ٿا ته ايمرجنسي پلاننگ ۽ حفاظتي انتظام ناقص هئا.
سوال اڃا اٿن ٿا ته واپاري برادري ۽ دڪاندارن لاءِ فائر فائٽنگ جي تربيت جو ڪو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي يا نه؟ ڇا مستقبل ۾ اهڙين حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪو جامع ۽ عملي پلان آهي؟ ڇا انتظاميا ۽ فائر بريگيڊ جي وچ ۾ ڪو موثر رابطي جو نظام قائم آهي؟ اهي سڀ مسئلا صرف جاني نقصان جي نه، پر مجموعي سماجي ۽ اقتصادي اثرن لاءِ پڻ اهم آهن. گل پلازا سانحي جي رپورٽ، جيڪا وڏي وزير مراد علي شاهه کي پيش ڪئي وئي، بلاول ڀٽو پاران آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ناراضگي جو سبب بڻجي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ اقدامات جو اعلان ڪيو. رپورٽ موجب ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ چيف فائر بريگيڊ آفيسر کي عهدي تان هٽائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊي جي ريسڪيو 1122 سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر به پنهنجن ذميوارين کان هٽايا ويندا. اهو به واضح ٿيو آهي ته ريسڪيو ٽيمن وٽ جديد اوزارن جي کوٽ ۽ اوسر جي گهٽتائي هئي. ڇا اسان جي شهرن ۾ موجود ايمرجنسي سروسز جي اوسر، ٽريننگ ۽ منصوبابندي واقعي موجوده حالتن سان مطابقت رکندڙ آهي؟ ڇا عوامي شعور ۽ واپاري برادري ۾ حفاظتي انتظامات جي تربيت کي لازمي حيثيت ڏني وئي آهي؟
گل پلازا سانحو هڪ ائين ڪال آهي، جيڪا نه رڳو انتظاميا جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿي، پر اسان جي شهري زندگي جي ڪمزورين کي پڻ اجاگر ڪري ٿي. اهو هڪ چتاءُ آهي ته جيڪڏهن انتظامي نظام ۾ سڌارا نه آيا، جديد اوزار، تربيت ۽ ايمرجنسي پلاننگ تي ڌيان نه ڏنو ويو، ته اهڙين حالتن جو تڪرار ٻيهر پيش اچي سگهي ٿو.
انڪوائري رپورٽ موجب، ادارن جي وچ ۾ رابطا، تيز فيصلو سازي، مناسب اوزارن جي فراهمي ۽ تربيت جي کوٽ سان گڏ، شهر ۾ موجود سرڪاري ادارن جي غفلت، جاني نقصان ۽ معاشرتي اثرن جو وڏو سبب بڻجي. اهو واضح آهي ته رڳو الزامن ۽ ڪيلئرنس سرٽيفڪيٽس سان عوام جو تحفظ ممڪن نه آهي، پر عملي قدم، جديد اوزار، تربيت ۽ رابطي جو نظام لازمي آهي. اهو وقت آهي جڏهن حڪومت، انتظاميا ۽ واپاري برادري گڏجي هڪ جامع حڪمت عملي تي عمل ڪن، جيڪا نه رڳو فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي، پر مارڪيٽن ۽ عوامي جڳهن ۾ حفاظتي معيار کي عالمي سطح تي پهچائي.
گل پلازا سانحو هڪ سبق آهي، جيڪو صرف ڪراچي جي عوام لاءِ نه، پر سڄي ملڪ لاءِ هڪ چتاءُ آهي ته شهري زندگي جي حفاظت ۽ ايمرجنسي منصوبابندي ۾ غفلت جا نتيجا ڪيئن ٿين ٿا. اسان کي گهرجي ته ان سانحي کي وساري نه، پر ان مان سکي، مستقبل لاءِ مضبوط حفاظتي نظام قائم ڪريون. آخرڪار، گل پلازا سانحو اهو پيغام ڏئي ٿو ته جيڪڏهن نظام کي وقت سر درست نه ڪيو ويو، جديد اوزار ۽ تربيت نه ڏني وئي، ۽ ادارن وچ ۾ رابطي ۽ ڪمانڊ سينٽر قائم نه ٿيو، ته شهر ۾ موجود هر وڏي عمارت، هر مارڪيٽ ۽ هر عوامي جاءِ لاءِ ساڳي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. اها رپورٽ هڪ موقعو هوندي، جنهن کي ضايع ڪرڻ اسان جي معاشرتي ذميواري خلاف هوندو. وقت جو تقاضو آهي ته گل پلازا جي جاچ رپورٽ جي نتيجن کي بنياد بڻائي، شهري زندگي، فائر سيفٽي، ايمرجنسي ريسپانس ۽ انتظاميا جي ڪارڪردگي ۾ سڌارن کي يقيني بڻايو وڃي.