Capitalism: A Ghost Story نامياري ڀارتي دانشور ۽ اديبه ارون ڌتي راءِ جو اهم ڪتاب آهي، جيڪو سرمائيداراڻي نظام جي چمڪندڙ دنيا پٺيان لڪيل ظلم، استحصال ۽ طاقت جي ڳجهن ڍانچن کي وائکو ڪري ٿو. هي ڪتاب اصل ۾ انگريزيءَ ۾ لکيو ويو، جنهن جو اردو ترجمو بطريس رضا ”سرامائيداراڻو نظام: ايک المناک کهاني“ جي عنوان سان ڪيو آهي، ھي ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ عالمي سرمائيداراڻو نظام، ان جي اثرن ۽ ان جي اونداهن رخن جو گهرو تجزيو پيش ڪيو ويو آهي.
ارون ڌتي راءِ سرمائيداريءَ کي رڳو هڪ معاشي نظام نه پر هڪ ”ڀوت“ سان تشبيهه ڏئي ٿي؛ اهڙو ڀوت جيڪو انساني سماجن جي اندر خاموشيءَ سان ڪاهي پوي ٿو، پنهنجي موجودگيءَ کي نرميءَ سان مڙهي ٿو، پر وقت گذرڻ سان گڏ سماجي، ثقافتي ۽ اخلاقي ڍانچن کي کوکلو ڪري ڇڏي ٿو. سندس نظر ۾ سرمائيداراڻو نظام دولت، وسيلن ۽ اختيار کي ڪجهه هٿن تائين محدود ڪري ڇڏي ٿو، جڏهن ته اڪثريت لاءِ غربت، ناانصافي ۽ بيدخليءَ جا دروازا کولي ڇڏي ٿو.
ارون ڌتي راءِ موجب، جديد دنيا ۾ ”ڪارپوريٽ خيرات“ رڳو انسان دوستي ناهي پر طاقت جي پکيڙ جو هڪ اثرائتو هٿيار بڻجي چڪي آهي. اها نشاندهي ڪري ٿي ته شروعاتي آمريڪي فائونڊيشنز، جهڙوڪ ڪارنيگي ڪارپوريشن (1911) ۽ راڪ فيلر فائونڊيشن (1914)، اصل ۾ وڏن ڪارپوريٽ اجارن جي منافعي مان قائم ٿيون. اينڊريو ڪارنيگي ۽ جان ڊي راڪ فيلر پنهنجي دور جا اهي سرمائيدار هئا جن کي اڄوڪي دور جي ٽاٽاز ۽ امباني پليئرن سان تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي.
راڪ فيلر فائونڊيشن جي ذريعي يا ان جي مدد سان گڏيل قومون (UN)، سي آءِ اي (CIA)، ڪائونسل آن فارن ريليشنز، نيويارڪ جو ميوزيم آف ماڊرن آرٽ ۽ راڪ فيلر سينٽر جهڙا ادارا وجود ۾ آيا. راءِ ان طرف اشارو ڪري ٿي ته ڪيئن نيويارڪ جي راڪ فيلر سينٽر مان ڊياگو ريويرا جي اها ديوار-تصوير (Mural) هٽائي وئي جنهن ۾ سرمائيدارن کي گنهگار ۽ لينن کي هيرو طور ڏيکاريو ويو هو هي واقعو سرمائيداراڻي طاقت جي عدم برداشت جي علامت آهي.
ارون ڌتي راءِ جي مطابق، عالمي بينڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن ٽئين دنيا جي ملڪن جي معاشي پاليسين تي سڌوسنئون ڪنٽرول قائم ڪري رکيو آهي. منڊين کي زبردستي کولائڻ، خانگائڻ مڙهڻ ۽ رياستي خودمختياري کي ڪمزور ڪرڻ هن نظام جو حصو آهي. راءِ جي ويجهو اهو چوڻ غلط نه هوندو ته ڪارپوريٽ خيرات تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ”بصيرت وارو ڪاروبار“ بڻجي چڪي آهي (صفحو 42).
اهي فائونڊيشنز ۽ ٿنڪ ٽينڪس شطرنج جي پڙ تي مهراڻ وانگر پنهنجون چالون هلن ٿا هيلڊن هل ڪلبز، پاليسي ادارن ۽ علمي مرڪزن جي ذريعي، ته جيئن طاقت جو توازن هميشه سرمائيدارن جي حق ۾ رهي. ڪتاب ۾ ان نقطي تي خاص زور ڏنو ويو آهي ته علم ۽ معلومات جديد دور ۾ ڪنٽرول جو سڀ کان وڏو ذريعو آهن. ارون ڌتي راءِ لکي ٿي ته سي آءِ اي ۽ آمريڪي پرڏيهي وزارت اڄ به آمريڪي يونيورسٽين ۾ شاگردن ۽ پروفيسرن سان گڏجي ڪم ڪن ٿيون، جيڪو علمي تحقيق جي غيرجانبداري تي سنگين سوال اٿاري ٿو ان ئي حوالي سان ڀارت ۾ متعارف ڪرايل يونڪ آئيڊنٽيفيڪيشن (UID) يا بايوميٽرڪ پروگرام دنيا جي مهانگن ترين نگراني منصوبن مان هڪ آهي، جنهن جو مقصد عوامي مزاحمت کي ضابطي ۾ رکڻ آهي.
ارون ڌتي راءِ اين جي اوز (NGOs) جي ڪردار تي پڻ تفصيلي تنقيد ڪري ٿي. هوءَ واضح ڪري ٿي ته تمام اين جي اوز کي هڪ نظر سان ڏسڻ ناانصافي هوندي، ڇاڪاڻ ته ڪيتريون ئي تنظيمون واقعي انقلابي ڪم ڪري رهيون آهن
تنهن هوندي به، هوءَ ٻڌائي ٿي ته ڪارپوريٽ يا فائونڊيشن فنڊنگ وٺندڙ ڪيتريون ئي اين جي اوز اصل ۾ مزاحمتي تحريڪن ۾ ائين داخل ٿينديون آهن جيئن ڪو شيئر هولڊر ڪمپنيءَ کي اندر کان ڪنٽرول ڪندو آهي انهن جو مقصد انقلابي توانائيءَ کي بي ضرر بحثن ۾ بدلائڻ هوندو آهي، جهڙوڪ سڃاڻپ جي سياست، صنفي بحث ۽ محدود سماجي سڌارا ته جيئن نظام جون بنيادي پاڙون محفوظ رهن.راءِ ان خيال کي به چئلينج ڪري ٿي ته عالمي اڳواڻ رڳو اخلاقي جدوجهد سان عظيم بڻجن ٿا. هوءَ مثال ڏئي ٿي ته ڪيئن نيلسن منڊيلا کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو، پر ان حقيقت کي تمام گهٽ بحث هيٺ آندو ويو ته هن ”واشنگٽن ڪنسينسس“ ۽ خانگائڻ جي پاليسين کي قبول ڪيو، جڏهن ته زميني سڌارن ۽ قوميائڻ جا واعدا پسمنظر ۾ هليا ويا
Capitalism: A Ghost Story رڳو سرمائيداريءَ تي تنقيد ناهي، پر جديد دنيا جي طاقت جي پوري ڍانچي تان پردو کڻي ٿي. هي ڪتاب پڙهندڙ کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ته سرمائيداري ڪيئن رياست، ميڊيا، علم، اين جي اوز ۽ حتيٰ ڪي احتجاج کي به پنهنجي مفاد ۾ اوڙهي وٺي ٿي. ارون ڌتي راءِ جي تحرير اسان کي ان ”ڀوت /جِن“ کي سڃاڻڻ جو فن سيکاري ٿي، ڇاڪاڻ ته جيستائين ڀوت نظر نه ايندو، تيستائين ان کان نجات ممڪن ناهي.هي ڪتاب ۾ هندوستاني سماج ۽ عالمي سرمائيداراڻي نظام جي اثرن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي، خاص طور تي ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويو آهي ته سرمائيداري ڪيئن هندوستاني معاشري جي اندر سماجي ڍانچي کي آهستي آهستي کوکلو ڪري رهي آهي. ڪتاب ۾ هندوستان جي مختلف علائقن ۾ جاري تحريڪن ۽ اقليتن تي ٿيندڙ ظلمن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، چاهي اهو ڪشمير هجي، آسام، ناگالينڊ هجي يا نڪسلي تحريڪ. ليکڪا واضح ڪري ٿي ته سرمائيداراڻو نظام ڪيئن رياستي طاقت ۽ ڪارپوريٽ مفادن ذريعي انهن علائقن ۾ جبر کي هٿي ڏئي ٿو.
البت هن تحرير ۾ مون ڪتاب جي رڳو هڪ باب، ”سرمائيداري: جِنجي ڪهاڻي“ تي وڌيڪ توجهه ڏني آهي. تنهن هوندي به مجموعي طور هي ڪتاب پڙهڻ جي لائق آهي، خاص طور تي انهن پڙهندڙن لاءِ جيڪي اهو سمجهڻ چاهين ٿا ته هندوستان ۽ سڄي دنيا ۾ سرمائيداراڻو نظام ڪيئن ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪيئن هيءَ دنيا رفتي رفتي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي چنبن ۾ جڪڙبي پئي وڃي. ليکڪه پنهنجي تجزيي ۾ مختلف اهم ڪتابن ۽ فڪري حوالن جو سهارو ورتو آهي. پڙهندڙ انهن حوالي طور ڏنل ڪتابن کي ڏسي سرمائيداريءَ جي نظام کي وڌيڪ گهرائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو.