راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي صحت بابت خبرون پريشان ڪندڙ آهن. راولپنڊي ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان پريس ڪانفرنس ڪندي سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالتي فيصلن جي باوجود اسان کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي صحت بابت خبرون پريشان ڪندڙ آهن، سندس خاندان کي سندس صحت بابت بي خبر رکيو ويو، سندس اکين جو آپريشن ٿيو آهي، جنهن تي اسان کي ڳڻتي آهي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته اسان اڄ رات ڌرڻو ڏينداسين، اسان جي پارٽي جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي اچي رهيا آهن. هي اسان جي اڳواڻ جو معاملو آهي، اسان انهن کي هن طرح وڃڻ نه ڏينداسين. سهيل آفريدي چيو ته صورتحال کي زبردستي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن اهو به چيو ته هو چاهي ٿو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ اسان سان ملاقات ڪريون، پي ٽي آءِ جي باني جي ذاتي ڊاڪٽر ۽ خاندان سان ملاقات ٿئي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي جو چوڻ هو ته عمران خان جي بيماري ڇو لڪائي وئي؟ صحت بابت فيملي کي آگاهه ڇو نه ڪيو ويو؟ اڳواڻ کي ڇنڇر جي رات جيل کان اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، سوال اهو آهي ته سندس صحت جي حالت اهڙي ڇو ٿي جو کيس اسپتال منتقل ڪرڻو پيو؟ سندس ذاتي ڊاڪٽر کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو؟ بيماري لڪائڻ جو مقصد ڇا هو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي سندس خاندان، پارٽي ۽ وڪيلن سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي، هر انسان کي پنهنجي ذاتي طبيب کان علاج ڪرائڻ جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته اڄ صبح وڌيڪ حڪمت عملي طئي ڪبي.