حڪومت پاران عمران خان کي پمز اسپتال آڻڻ جي تصديق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گذريل هفتي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خميس ڏينهن عمران خان جي صحت بابت خبرن جي وضاحت ڪندي چيو ته اکين جي ماهرن پي ٽي آءِ جي باني جو اڊيالا جيل ۾ معائنو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ ڇنڇر جي رات پمز اسپتال ۾ سندس طبي معائنو ٿيو. عطاءُ تارڙ موجب، پمز اسپتال ۾ اکين جي ماهرن عمران خان جو معائنو ڪيو، 20 منٽن جي معائني کان پوءِ کيس واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. عطاءُ تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني مڪمل طور تي ٺيڪ آهي، سڀني قيدين کي صحت جون سهولتون ملي رهيون آهن. هن چيو ته اسان ڊاڪٽر پاران ريفر ڪيل ڪنهن به قيدي کي اسپتال موڪليندا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.