نوڪنڊي (عوامي آواز رپورٽ) ريڪوڊڪ مائننگ جي ڪميونٽي ڊيولپمينٽ پروگرام تي قبائلي اڳواڻن بي اعتمادي جو اظهار ڪندي موجوده ڪميونٽي ڊيولپمينٽ ڪميٽي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. نوڪنڊي ۾ سردار شوڪت ايجباري، سردار نور بخش ۽ ٻين قبائلي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موجوده سي ڊي سي غير نمائندا آهي ۽ علائقي جي ڪنهن به قبيلي يا عوامي ڌر جي حمايت حاصل ناهي. اڳواڻن موجب، غير متوازن نمائندگي سبب ريڪوڊڪ سان لاڳاپيل عوامي ڀلائي جا پروگرام پنهنجي اصل روح موجب لاڳو ناهن ٿي رهيا ۽ ڪميونٽي پروگرام کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو نوڪنڊي ۽ بلوچستان لاءِ وڏي ترقي جو موقعو آهي، پر موجوده ڪميٽي عوامي اعتماد کي نقصان پهچائي رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪميٽي ۾ موجود اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي بي اي پي بدران غير نمائدا پارٽي تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ لبيڪ جي نمائندن کي شامل ڪيو ويو جيڪي عوامي اعتماد ۽ حمايت نٿا رکن. قبائلي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سي ڊي سي ٽوڙي نئين بااختيار ۽ متوازن ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ ريڪوڊڪ مائننگ ڪمپني جا اعليٰ عملدار معاملي جو فوري نوٽيس وٺن.