عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ مھر) عمرڪوٽ مقتول اسماعيل سميجو ڪيس ۾ نامزد جوابدار الھداد سميجو عدالت ۾ پيش، 3 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، عمرڪوٽ شھر جي مک ڪاروباري علائقي موتي چوڪ وٽ ڳلو ڪپڻ سبب قتل ٿي ويل ڳوٺ اڪلو جي رھواسي نوجوان محمد اسماعيل سميجو جي قتل ڪيس ۾ سندس والد پاران نامزد ڄاڻايل جوابدار الھداد سميجو کي ڪالھ عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي جي پوليس رمانڊ جي لاءِ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ون منير احمد جگسي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت سڳوري ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، محمد اسماعيل سميجو جو والد جمال الدين سميجو ۽ مقتول جا ڀائر قمر الدين، شمس الدين، شھاب الدين پريس ڪلب عمرڪوٽ پُھتا جتي مقتول جي والد جمال الدين سميجو چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي نوجوان پٽ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو اسان پوليس جي جاچ ۾ مطئمن آھيون جنھن بروقت ڪارروائي ڪندي مک جوابدار کي حراست ۾ ورتو آھي ۽ وڌيڪ پوليس جاچ ڪري ته ھن قتل ۾ ٻيا ڪير ملوث آھن ۽ انھن کي به گرفتار ڪيو وڃي منھنجا ٻيا پٽ پورهئي خاطر ڪراچي ۾ پورھيو ڪندا ھئا ۽ مقتول اسماعيل گھر جو سڄو گذر سفر جيپ ڪرائي تي ھلائي ڪندو ھو جيڪو اسان جو وڏو سھارو ھو ۽ اڳ ۾ مونکي ايترو ڪير نه سڃاڻيندا ھئا ھاڻ جيڪو به شاگرد، ڳوٺاڻو يان شھري ملي ٿو ته عزت سان پڇي ٿو ته اوھان شھيد اسماعيل جا والد آھيو اسان اوھان سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون اسان به اوھان جا اولاد آھيون اسماعيل جي ڀائرن قمر الدين، شمس الدين ۽ شھاب الدين اسان جي ننڍي ڀاءُ جي تعليم ۽ اسان جو وڏو سھارو سندن ڀاءُ اسماعيل کي بيدردي سان شھيد ڪيو ويو آھي ھي ڏک سڄي زندگي رھندو منھنجي ڀاءُ اسماعيل جي 2 سال اڳ ۾ شادي ٿي ھئي.