اسلام آباد (بيورو) پهرين فيبروري کان پيٽرول سستو جڏهن ته ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي اندازن موجب پيٽرول في ليٽر 36 پئسا سستو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل في ليٽر 9 رپيا 47 پئسا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، انڊسٽري ذريعن موجب مٽيءَ جو تيل في ليٽر 3 رپيا 69 پئسا مهانگو ۽ لائٽ ڊيزل في ليٽر 6 رپيا 95 پئسا مهانگو ٿيڻ جو به اندازو لڳايو ويو آهي، ذريعن ٻڌايو ته اوگرا 30 جنوري تي پنهنجو ورڪنگ پيپر پيٽروليم ڊويزن کي موڪليندو، جڏهن ته ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي فيصلو وزيراعظم سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪندي،