اسلام آباد (بيورو) هڪ مهيني لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 48 پئسا في يونٽ گهٽتائي جو امڪان آهي، ڊسمبر فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ (ايف سي اي) تحت داخل درخواست تي ٻڌڻي نيپرا ۾ مڪمل ٿي وئي آهي. نيپرا اختيارين موجب، اٿارٽي انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ درخواست تي فيصلو جاري ڪندي. ٻڌڻي دوران، سي پي پي اي اختيارين چيو ته درخواست فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ واڌ سان لاڳاپيل هئي. اختيارين موجب، درآمد ٿيل گئس ۽ ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽ ڊسمبر ۾ بجلي جي طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ هلايا ويا هئا. سي پي پي اي چيو ته حڪومت جي انڪريمينٽل پيڪيج جي ڪري قيمتون وڌي رهيون آهن. ان تي نيپرا ميمبر مقصود انور ريمارڪس ڏنا ته اڳ ۾ چيو ويو هو ته مهانگا پلانٽ انڪريمينٽل پيڪيج جي ڪري هلائڻا پوندا، جڏهن ته سي پي پي اي چيو هو ته اهو نه ٿيندو.