ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گل پلازا سانحي جي جاچ رپورت اڄ سڀاڻي تائين اچي ويندي واٽر ڪارپوريشن آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته متاثرن جي ڏک ۾ برابر شريڪ آهيون. هن چيو ته سانحي مان سبق حاصل ڪندي مستقبل لاءِ اپاءَ وٺنداسين، ڪجهه فيصلا واٽر ڪارپوريشن ۽ ڪجهه اسان جي انتظاميا ڪيا آهن. هن چيو ته حب ريزروائر تي 40 سالن کانپوءِ 15 ايم جي ڊي ٽينڪن جي صفائي ڪئي پئي وڃي.