ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان دعويٰ ڪئي آهي ته سندن اهم وزيرن، ايم اين ايز ۽ اڳواڻن جي سيڪيورٽي اوچتو واپس ورتي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت ترديد ڪئي آهي.ذريعن موجب وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، انيس قائمخاني جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.ان کان سواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي جي سيڪيورٽي به واپس ورتي وئي آهي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو ساڻس رابطو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ اڳواڻن کي سيڪيورٽي واپس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم پي چيئرمين خالد مقبول، وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، فاروق ستار ۽ انيس قائمخاني جي سيڪيورٽي بحال ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي سان به پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رابطو ڪيو آهي ۽ انهن جي سيڪيورٽي بحال ٿيڻ جو امڪان آهي.