گهرو وزير پاران ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي ترديد

ڪراچي (رپورٽر) گهرو وزير ضيا لنجار ايم ڪيو ايم اڳواڻن کان سڪيورٽي واپس وٺڻ جي ترديد ڪندي چيو ته جن ماڻهن کي قانون ۽ سڪيورٽي کي ڏسندي سڪيورٽي ڏني وئي، اها ڏني پئي وڃي. خانگي تي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال ۽ خالد مقبول اسلام آباد ۾ آهن، ڪنهن به شخص کي ڏنل سڪيورٽي واپس ناهي ورتي وئي. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ جاويد عالم وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر خالد مقبول جي سڪيورٽي واپس وٺڻ کان اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي. پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ٻنهي وزيرن کي ٿريٽ اسيسمينٽ ڪميٽي جي سفارش تي سڪيورٽي ڏني آهي. هن چيو ته ماڻهن کي درخواست آهي ته ڪنهن جي ڏٽن ۾ نه اچن، ڪچي ۽ ڪشمير جا مرد ڇوڪرين جي آواز ۾ ماڻهن کي ڦاسائين ٿا،اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، مڪمل خاتمو آندو ويندو. هن چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن تي حڪومتي پاليسي آهي ته اهي هٿيار ڦٽا ڪن نه ته سختي سان منهن ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.