سهيل آفريدي پاران گرينڊ جرڳو گهرائڻ جو اعلان

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي تيرا ۾ فوجي آپريشن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ماڻهن جي رضا کان سواءِ ماڻهن کي برفباري جي موسم ۾ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. آفريدي چيو ته ڪور ڪمانڊر ۽ آءِ جي ايف سي جي سربراهي ۾ 24 رڪني ڪميٽي چيو ته ماڻهو گهر خالي ڪن.  آپريشن واري علائقي ۾ اهڙي سخت موسم آهي جو نه رڳو انسان پر جانور به جيئرا نٿا رهي سگهن. سهيل آفريدي چيو ته تيرا تي هڪ دفعو ٻيهر سخت ترين حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن. سهيل آفريدي چيو ته قوم جي سرن جو سودو ٿي رهيو آهي، اسان تي ٻيهر دهشتگردي مڙهي پئي وڃي. پي ڊي ايم جي ناجائز حڪومت ان وقت چوندي هئي ته اسان پروپيگنڊا ڪري رهيا آهيون، پر پختون قوم وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪتي ۽ بند ڪمرن ۾ ڪيل فيصلن کي رد ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.