ڪراچي (رپورٽر) شاهه لطيف ٽائون ڪراچي جي حدن اندر رات جو دير سان اڻڄاتل هٿياربند ٻن نوجوانن کي اغوا ڪري ويا. ذريعن موجب 8 کان 9 هٿياربندن ڪارروائي ڪندي ٻن نوجوانن کي زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، اغوا ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ عمر ولد باشا اوڏ ۽ مھر چند اوڏ طور ٿي آهي، ٻئي نوجوان پنهنجي گهرن جا واحد ڪمائيندڙ ٻڌايا پيا وڃن،واقعي کان پوءِ وارث سخت ذهني اذيت ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته اغوا ٿيل نوجوانن جو هن وقت تائين ڪو به پتو پئجي نه سگهيو، وارثن ۽ علائقي واسين صدر، وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف، گورنر سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ، اعليٰ عدليه ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي اغوا ٿيل نوجوانن کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي، علائقي ۾ وڌندڙ ڏوهن جي واقعن تي شهرين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مؤثر قدم کڻڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.