سکر/ خان پور مهر (رپورٽر) خانپور مهر جي رهواسي وشال ڪمار جو بااثرن پاران تشدد ڪرڻ تي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ويڊيو بيان اچڻ بعد سندس والد خانپور کان گهوٽڪي ويندي رستي مان گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو جنهن بعد وشال ڪمار موقف ڏيندي چيو آهي ته منهنجا علي نواز عرف راجه خان مهر منهنجي نالي تي 4 کان 5 ڪروڙ روپين جو لون ورتو آهي ۽ سندس ڏانهن منهجا ذاتي پئسا پڻ آهن جيڪي گهرڻ تان هو منهنجو ويري بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي هو منهنجي بابا کي يرغمال بڻائي مونکان بيان بدلائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خانپور مهر جي رهواسي وشال ڪمار هڪ ويڊيو بيان جاري ڪندي ميڊيا آڏو دانهو هو ته منهنجي سردار علي نواز عرف راجه خان مهر سان پمپ ۾ ڀائيواري آهي ۽ مان ڪراچي شفٽ ٿيڻ جي ڪري علي نواز عرف راجه خان سان پمپ تي ڪم ڪرڻ کان منع ڪيو جنهن تان ڪاوڙجي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر مونکي پنهنجي بنگلي تي گهرائي مون کي برهانو/ ڪپڙن کان آجو ڪري مون تي پاڻ ۽ پنهنجي گارڊن کان سخت تشدد ڪرايو ۽ مونکي ڪم ڇڏڻ جي صورت ۾ گولي هڻي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ٻئي پاسي راجا خان مهر ۽ وشال ڪمار ۾ تڪرار تيز ٿي ويو، جڏهن ته وشال ڪمار جو والد لالچند سامهون اچي ويو، وڊيو بيان جاري رڪندي هن چيو ته مون کي ڪنهن اغوا يا يرغمال ناهي بڻايو، مان پاڻ ويٺو هيس، مون کي چانهه ۽ ماني ۾ دير ٿي وئي آهي، جڏهن ته صوبائي وزير محمد بخش مهر وشال ڪمار ۽ سردار علي نواز عرف راجا مهر ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ٺاهه لاءِ سرگرم ٿي ويو، محمد بخش مهر هندو برادري وٽ پهتو ۽ ٺاهه بابت ڳالهيون ڪيون، هوڏانهن صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر ۽ سندس ڀاءُ ضلعي چيئرمين گهوٽڪي مير بنگل خان مهر خانپورمهر ۾ هندو برادري وٽ پهتو، محمد بخش خان مهر هندو برادري مکي چندر بان جي رهائشگاهه تي پهچي هندو برادري جي ماڻهن توڙي وشال ڪمار جي والد سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب محمد بخش خان مهر هندو برادري توڙي وشال ڪمار جي والد کان تفصيل ورتا، ذريعن موجب محمد بخش خان مهر وشال جي والد توڙي هندو برادري کي آٿت ڏيندي چيو ته هندو برادري سان اسان جون همدرديون گڏ آهن، انهي معاملي کي حل ڪرائينداسين، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي معاملي تي بحث جاري آهي، سردار علي نواز مهر مٿان الزام هنيا پيا وڃن ته هو بيگناهه وشال کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ٻئي پاسي علي گوهر مهر مٿان به الزام هنيا پيا وڃن ته هو وشال ڪمار کي استعمال ڪري رهيو آهي، راجا خان مهر ۽ علي گوهر مهر ۾ ملڪيت جو تڪرار هلي رهيو آهي، جڏهن ته وشال ڪمار نئون بيان ڏيندي چيو آهي ته علي نواز عرف راجا خان مهر قرآن پاڪ تي هٿ رکي چوي ته مون تي تشدد ناهي ڪيو ته مان ٻار ٻچا وٺي علي نواز مهر کان گهر وڃي معافي وٺندس، ٻئي پاسي هندو واپاري وشال ڪمار تي مبينا تشدد جي ڊسٽرڪٽ بار گهوٽڪي پاران مذمت، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي خط لکي راجا مهر مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، وشال ڪمار تي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر طرفان مبينا تشدد جو معاملو وڌڻ بعد وڪيلن پاران اڄ عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيوويو آهي
-
وشال ڪمار تي تشدد جا الزام ڪوڙا آهن: علي نواز مهر
سکر: پيپلز پارٽي جي ايم پي اي علي نواز عرف راجا مهر چيو آهي ته وشال ڪمار تي تشدد ڪرڻ جا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن، وشال سندس بزنس پارٽنر آهي ۽ کيس اطلاع مليو آهي ته هن ڪجهه ماڻهن سان مبينا فراڊ ڪيو آهي، جنهن بعد مون پنهنجي بزنس بابت حساب ڪتاب گهريو. ان تي هن مون مٿان تشدد جا ڪوڙا الزام لڳايا آهن.علي نواز عرف راجا مهر جو چوڻ هو ته سندس سياسي مخالف هن معاملي کي استعمال ڪري سندس خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته وشال ڪمار جي ايراني تيل وڪرو ڪرڻ بابت شڪايتون مليون جنهن تان مون هن کان پڇاڻو ڪيو ۽ اسان هڪ ديوانن جي ڪميٽي پڻ ٺاهي جتي ويهي ڳالهائڻ لاءِ ٽائيم ٺاهيو پر وشال اتي به نه آيو ۽ هن جي والد کي گم ڪرڻ واري ڳالهه به من گهڙت آهي هو پنهنجي گهر خانپور مهر ۾ آهي ۽ مان ڪراچي ۾ آهيان اوهان ڀلجان ڪال ڪري ان جي والد سان ڳالهائي سگهو ٿا.هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سدائين شرافت جي سياست ڪئي آهي.
-
خان پور مهر جي سردارن جي ظلم سبب ڪيترائي هندو خاندان هتان هليا ويا!
سکر: خانپور مهر جي وڏيرن جي ظلم جي ڪهاڻي وڏي آهي ۽ اڳ به اهڙو واقعا ٿيندا رهيا آهن جن ۾ ڪنهن دؤر ۾ کٽڻ مل جو پٽ خانن وٽ مينيجر هيو ان تي تشدد ڪيو ويو جنهن بعد هو هتان لڏي انڊيا هليو ويو، گڏيل ڪيل رپورٽن موجب وري هيرانند تي به تشدد ڪيو ويو ان جي به خانن سان پارٽنر شپ هئي ان تي تشدد ڪيو ويو اهوڪجه ڏينهن ۾ انڊيا هليو ويو ان کان پوءِ وري سگنيچند جي پٽ سان ظلم ڪيو اهو به هليو ويو ۽ ڀڳوانو جيئورام سان ظلم ٿيو اهو انڊيا هليو ويو، جنهن بعد پون ڪمار منو رام واري اليڪٽرڪ جو سامان ڏنو ان جو بل گهريو ته ان کي دڪان تان خانڳڙهه کڻي ويا ان تي به تشدد ڪيو ويو اهو به انڊيا هليو ويو، جڏهن ته سنيل ڪمار چندربان واري کان کهاڌ کڻي ويا ان پئسا گهريا ان کي بنگلي تي گهرائي تشدد ڪيو ويو اهو به پنهنجو ملڪ ڇڏي هليو ويو وري سنيل شمن لال واري جي گودامن مان ڏينهن ڏٺي جو ان جي سڄي ڪڻڪ کهاڌ کڻائي وڏيرن وڏيرائپ جو ثبوط ڏنو اهو به ملڪ ڇڏي ويو وري هاڻي وشال کي بنگلي تي گهرايو ان چيو ته مان ڪاروبار نه ڪندس مان ڪراچي ويندس ان تي تشدد ڪيو ويو ۽ لڳي ٿو ته ان کي به ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويندو.