آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو: آءِ جي سنڌ

شڪارپور(رپورٽ : ذوالفقار مگسي) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو شھيد ايس ايڇ او لکي غلام شاهه خميسو خان بروھي جي وارثن سانتعزيت لاءِ الف شاھه پاڙي ۾ شڪارپور پھتو، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو شھيد ايس ايڇ او جي گھر ڀاتين سان تعزيت ڪئي، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سان گڏ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ، ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ، ڊي ايس پيز ۽ پوليس اھلڪار ساڻس گڏ ھئا، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو شھيد ايس ايڇ او خميسو خان بروھي جي ٻارڙن جي  تعليم، پوڻا ٻه ڪروڙ رپيا گھر خريد ڪرڻ لاءِ، پوليس پاليسي تحت ھڪ ڪروڙ ڌار، اولاد کي ٻه نوڪريون، پوليس اھلڪار پٽ کي اي ايس آءِ طور ترقي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، لکي غلام شاھه ٿاڻي جي حد ۾ انڊس ھاءِ  وي تي ڏوھارين جي فائرنگ ۾ ٽي ڏينھن اڳ شھيد ٿي ويل ايس ايڇ او خميسو بروھي جي وارثن سان تعزيت بعد آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد ايس ايڇ او خميسو بروھي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پنھنجي جان نظرانو پيش ڪيو،شھيد ايس ايڇ او جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ پھتو آھيان، شھيد ايس ايڇ او جي ٻارڙن جو پنھنجي اولاد وانگر خيال رکيو ويندو، ايس ايڇ او جي شھادت ۾ ملوث ڏوھارين مان ٽي پنھنجي انجام تائين پھتا آھن باقي جيڪي ملوث آھن اھي پيش نه ٿيا کين منتقي انجام تائين پھچايو ويندو، اتر سنڌ ۾ جيڪا ڏوھارين ۽ وارداتن ۾ واڌ ٿي آھي سوچي ڇڏيو آھي ته ھنن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، سنڌ سرڪار جي سرينڊر پاليسي تحت ڏوھاري سرينڊر نه ٿيا ته کين سختي سان پيش اينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.