راجن پور (عوامي آواز رپورٽ) پنجاب جي ڪچي وارن علائقن ۾ تازو 148 ڏوهارين هٿيار ڇڏي پوليس جي حوالي ڪيا ويا، جن ۾ عطاءُاللهپٽ عمراڻي، ڏاڏو بنگياڻي عرف مڇ ڪٽا، گورا عمراڻي ۽ وقار عرف وقاري سميت ڪيترائي شامل آهن. انهن ڏوهارين تي اغوا، ڀتا خوري، قتل ۽ دهشت گردي جهڙن وارداتن جا الزام هئا ۽ انهن جي سُرن تي هڪ، هڪ ڪروڙ رپيا انعام مقرر هو، خابرو ادارن جي رپورٽن موجب ڏوهاري اڳ جديد هٿيارن جهڙوڪ اينٽي ائئرڪرافٽ گنز، هيوي مشين گنز، سمال مشين گنز، جي تھري گنز ۽ ڪلاشنڪوف استعمال ڪندا هئا، پر هاڻي امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي علائقن لاءِ اسڪول ۽ اسپتالون گهري رهيا آهن، پنجاب ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي سبب ڏوهارين جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ هو هاڻ هٿيار ڦٽا ڪري رهيا آهن، ڏوهارين جو چوڻ هو ته اسان ڏوهن جي دنيا ڇڏي پرامن شهري ٿي رهڻ چاهيون ٿا، اسان جي ٻارن کي تعليم ڏياري وڃي ۽ اسان کي رعايت ڏني وڃي.