ڪچي ۾آپريشن، ڊرون حملن ڌاڙيلن کي منجهائي ڇڏيو، 3 ڏوهاري مارجي ويا

سکر (رپورٽ: سيد نعيم شاھ/ م ڊ) سکر پوليس باگرجي جي ڪچي علائقي ۾ هڪ وڏي ۽ منظم آپريشن دوران ڊرون حملن ذريعي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا ۽ 25 زخمي ٿيا، پوليس موجب آپريشن جي قيادت ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل پاڻ ڪري رهيو آهي ۽ ڏوهارين خلاف موثر حڪمت عملي تيار ڪئي وئي،  پوليس موجب پوليس کي اطلاع مليو ته باگرجي ڪچي ۾ ڏوهاري شهرين لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن ۽ علائقي ۾ وارداتون ڪري رهيا آهن، فوري طور تي آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ ڊرون حملي ذريعي ڏوهارين جو گهيرو ڪري ڪارروائي ڪئي وئي، پوليس اختيارين ٻڌايو ته  مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل ڏوهارين جي قبضه مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولي بارود ۽ ٻيو غير قانوني سامان به برآمد ٿيو آهي جيڪو علائقي ۾ ڪيترن ئي وارداتن ۾ استعمال ٿي رهيو هو، ايس ايس پي اظهر خان مغل شهرين کي يقين ڏياريو ته سکر پوليس علائقي ۾ امن قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ڏوهارين خلاف ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، هن ڪارروائي کان پوءِ مقامي ماڻهن پوليس جي هن موثر ڪارروائي جي ساراهه ڪئي ۽ علائقي ۾ امن قائم رکڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو. باقي ڀڄي ويل ڏوهارين جي ڳولا لاءِ ڇاپا ۽ ٻيا آپريشن جاري رهندا ته جيئن مڪمل صفائي ممڪن بڻائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.