ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جي بيان تي ردِعمل ظاهر ڪيو آهي۔پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گورنر سنڌ جو اهو چوڻ ته گل پلازا جي سانحي واري هنڌ تي ڪم نه ٿي رهيو هو، ان کان وڏو ڪوڙ ٿي نٿو سگهي۔هن چيو ته گورنر سنڌ جو ڪم صرف هيڊ لائينز ۾ اچڻ ۽ پنهنجي تشهير ڪرڻ آهي، وفاقي حڪومت کان ڪهڙي امداد ورتي وئي، ان بابت گورنر اڄ تائين ڪجهه به نه ٻڌائي سگهيو آهي۔سعديه جاويد چيو ته گورنر سنڌ غير ذميوارانه حرڪتن ذريعي ڪراچي جي رهواسين کي تڪليف پهچائي رهيو آهي۔هن جو چوڻ هو ته گورنر سنڌ پاڻ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي، جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي به تنگ پيو ڪري ۔ وفاقي حڪومت کان ٻيهر مطالبو ڪيون ٿا ته گورنر سان ٿيل معاهدي تي عمل ڪيو وڃي۔