لاهور(بيورو)ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل تجويز ڏني آهي ته نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) کي گهٽايووڃي، لوڪل گورنمينٽ قائم ڪئي وڃي يا نوان صوبا ٺاهيا وڃن،لاهور ۾ ٿنڪ فيسٽ جي آخري ڏينهن “گروٿ ۽ پاڪستان ۾ غربت ڇو؟” جي موضوع تي ڳالهائيندي هن اهي تجويزون پيش ڪيون۔مفتاح اسماعيل چيو ته روڊ ٺاهڻ سٺي ڳالهه آهي، پر ملڪ ۾ ٻه ڪروڙ ڏهه لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض نه وٺون ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو، اسان بچت تمام گهٽ ڪريون ٿا ۽ نوٽ وڌيڪ ڇاپيون ٿا، جنهن سبب مهانگائي وڌي وڃي ٿي، ان موقعي تي ٻين مقررن به چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي اهڙو نظام جوڙين، جنهن سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ سڌارو اچي۔