ڪراچي(رپورٽر)متحده قومي موومنٽ پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته گل پلازا مان ملندڙ انساني باقيات جو ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ فارنزڪ آخر ڪٿي ٿي رهيو آهي؟ وارثن، سياسي، مذهبي جماعتن ۽ واپاري تنظيمن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي۔دهلي ڪالوني ۾ هڪ ئي خاندان جي چئن ماڻهن جي جنازي نماز ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سانحو گل پلازا هڪ انتهائي المناڪ قومي سانحو آهي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ اربين رپين جو نقصان ٿيو۔ پورو ملڪ هن سانحي تي سوڳوار آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هڪ ئي دڪان مان 30 لاش ملي سگهن ٿا ته اهو رش جو وقت هو۔ ڪيترن ماڻهن جي رجسٽريشن ئي نه ٿي هئي۔ ملڪ جي اندروني علائقن مان آيل پورهيتن جي وارثن کي شايد اها خبر به نه هجي ته ڇا ٿيو۔ ٻن ٽرڪن جي باقيات جو چوري ٿي وڃڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي۔ ڪيترائي سوال آهن جن جا جواب ڏيڻ ضروري آهن۔ لاپتا ماڻهن جي وارثن جي تسلي لاءِ فارنزڪ جي وڊيو سامهون آندي وڃي، باقيات جي تصديق ۽ جسد وارثن تائين پهچائڻ جي عمل ۾ تيزي آندي وڃي۔ جيئن گورنر هائوس ۾ رابطا مرڪز قائم ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح وڏي وزير ۽ ميئر جي آفيسن ۾ به مرڪز قائم ڪيا وڃن۔فاروق ستار چيو ته ڪمشنر ڪراچي سرڪاري ملازم آهي، اهو ڪيئن رپورٽ ڏئي سگهي ٿو ته سنڌ حڪومت يا بلدياتي ادارن جي غفلت آهي؟ جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهي وڃي۔ سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايف آءِ اي تي مشتمل هڪ آزاد ۽ غير جانبدار ڪميشن قائم ڪيو وڃي۔ ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جاچ کي ڪو به قبول نه ڪندو۔هن چيو ته هي هڪ انتهائي سنگين معاملو آهي۔ منهنجي، عبدالستار افغاني يا نعمت الله جي ميئرشپ جي دور ۾ جيڪي ريگيولر ايڊيشن ٿيا، اهي قانوني هئا۔ جيڪڏهن ڪا غيرقانوني ڪارروائي ٿي هجي ته احتساب لاءِ پاڻ کي پيش ڪريان ٿو، پر اهو ٻڌايو وڃي ته باهه ڇو نه وسائي وئي؟