ڄامشوري ۾ نوجوان سرويچ نوحاڻي جي آزادي لاءِ بک هڙتال

ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشورو مان 6 سال اڳ کنڀي گم ڪيل ڄامشوري واسي نوجوان سرويچ نوحاڻي جي آزادي لاءِ وارثن، شهرين، سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي پاران ڄامشورو شهر جي اوورهيڊ برج ھيٺان نوجوان سرويچ نوحاڻي جي والد صاحب خان نوحاڻي ۽ ڀاءُ سرتاج نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪئي وئي، احتجاجي ڪيمپ ۾ محمد يعقوب نوحاڻي، محمد مٺل نوحاڻي، ايس يو پي اڳواڻن پير بخش سهارڻ، وحيد جويو، سالار ڀلائي، فياض ابڙو، غلام اڪبر ميمڻ، قادر بخش ڀلائي، سرور برفت، سليم لاکو، امجد پنهور، ايس ٽي پي اڳواڻ ساگر عالماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪري نوجوان سرويچ نوحاڻي جي جبري گمشدگي خلاف سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته نوجوان سرويچ نوحاڻي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان گذريل 6 سالن کان ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن کي 6 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪٿي به ظاهر ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب نوجوان سرويچ نوحاڻي جي پيرسن والدين پٽ جي آزادي لاءِ ٻاڪاريندي ٻاڪاريندي بيحال بڻجي ويا آهن، هنن چيو آهي ته سرويچ نوحاڻي کي بلا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي پر جيڪڏنهن سرويچ نوحاڻي جو ڪو ڏوھ آهي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. جڏهن ته کنڀي گم ڪيل نوجوان سرويچ نوحاڻي جي والد صاحب خان نوحاڻي جو چوڻ هو ته نوجوان پٽ کي بيگناھ 6 سالن کان کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جي آزادي لاءِ اسان مسلسل احتجاج ڪرڻ سميت عدالتن سان به رجوع ڪيو آهي پر پٽ کي آزاد ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي ڪٿي ظاهر ڪيو ٿو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.